گهوٽڪي ۾ ڪارنهن الزام ۾ نوجوان قتل، عورت زخمي، لاش رکي ڌرڻو

گهوٽڪي/ سکر (رپورٽ: آزاد مهر + اختيار چنا) گهوٽڪي ويجهو جوابدار مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ۽ پنهنجي زال کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي، اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٽانوري پلاٽ ۾ جوابدار فائرنگ ڪري خانپور مهر جي ڳوٺ محمد يعقوب مهر نزد واهي ڏنو جو رهواسي اربيلو مهر کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عورت خالده سومرو کي زخمي ڪري فرار ٿي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان اربيلو جو لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان خالده سومرو جي حالت نازڪ هجڻ سبب سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ نوجوان اربيلو مهر جي وارثن سندس لاش قومي شاهراهه تي رکي احتجاج ڪيو، بعد ۾ ايف آءِ آر داخل نه ڪرڻ خلاف گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان لاش رکي ڌرڻو هنيو ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو، ان موقعي تي مقتول جي وارثن دليل مهر،  وڏيرو نواب مهر،  عبدالجبار مهر ، غلام مرتضيٰ مهر، نظام دين مهر  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ايس ايڇ او امام الدين چانڊيو اسان جي نوجوان جو ڪيس داخل نٿو ڪري، هو اسان جو خون لوڙهڻ چاهي ٿو، هنن جو چوڻ هو ته اسان جي نوجوان مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام هڻي قتل ڪيو ويو آهي، جوابدار عنايت الله سومرو، امان الله سومرو، حاڪم سومرو با اثر آهن، پوليس سندن ونگارو بڻيل آهي، ٻي طرف زخمي ٿيل 9 ٻارن جي ماءُ خالده سومرو سول اسپتال سکر ۾ ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سندس مڙس ڇھه مهينا اڳ تشدد ڪري نڪ جي هڏي ۽ ٻانهن ڀڃي ڇڏي هئي جنهن جو ڪيس جوابدار مڙس عنايتﷲ ۽ ٻين مٿان داخل ڪرايو هو ۽ اهڙي ظلم بعد مان پنهنجي ستن ٻارڙن سان گڏ والدين وٽ رهڻ بعد ڪرائي جي گهر ۾ رهندي هيم جتي جوابدار جاويد ،امان الله ۽ غنو حملو ڪري منهنجي گهر ۾ مهمان ٿي آيل منهنجي سڪ جي ڀاءُ اربيلو مهر ۽ مون مٿان هٿيارن جا سڌا فائر ڪري اربيلو کي ناحق قتل ۽ مونکي زخمي ڪيو آهي، زخمي عورت موجب مڙس بيگناھ تشدد ڪرڻ سان گڏ خرچ به نه ڏيندو هو جنهن سبب مجبور ٿي الڳ رهندي هيس جنهن تي مڙس عنايت الله ۽ سهري حاڪم ڪاوڙجي ناحق ڪارنهن جو الزام لڳائي جوابدار جاويد، امانﷲ ۽ غنو سان گڏ گهر تي حملو ڪرائي منهنجو ڀاءُ سڏيل اربيلو مهر کي قتل ڪري مونکي زخمي ڪيو آهي عورت موجب جوابدارن مان زندگي سخت خطرو هجڻ سان گڏ سندس معصوم ٻارن جون زندگيون به خطري ۾ آهن ۽ جوابدار سندس جوان نياڻين کي به نقصان پهچائي سگهن ٿا هن وس وارن کان تحفظ ۽ انصاف جي گهر ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.