تنگواڻي ۾ ڀاڻ جي دڪان تي ڇاپو، روينيو ڪلارڪ ۽ اهلڪارن کي ڌڪا

تنگواڻي(رپورٽ:مھتاب ملڪ)تنگواڻي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد مگسي اسٽاپ وٽ روينيو عملدار ميانداد ڏاهاڻي پوليس سميت پهچي بليڪ تي ڀاڻ وڪرو ڪندڙ نادر مگسي جي دڪان تي ڇاپو هنيو جتي روينيو عملدار ۽ پوليس اهلڪارن کي ڌڪا ڏئي ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪئي وئي۽ ٽرڪ مان 280 ٻورا لاهي ويا، مختيار ڪار تنگواڻي آصف ڀنگوار ۽ ٻين پهچي 20 ٻورا هٿ ڪيا ۽ ٿاڻي تي روينيو ڪلارڪ ميانداد ڏاهاڻي  اين سي داخل ڪرائي، هن  ٻڌايو ته نادر مگسي جي دڪان تي ڇاپو هنيو ته قربان مگسي منهن ماري ڪندي ٿڦون وهائي ڪڍيون ۽ سندس ڀاءُ ذوالفقار پسٽل ۽ چاقو ڪڍي ڌڪا ڏنا جنهن جي 15 ماڻهن خلاف اين سي داخل ڪئي وئي، هوڏانهن دڪاندار نادر مگسي چيو ته هر هفتي عملدار رشوت وٺندا هئا هن دفعي نه ڏيڻ تان جهيڙو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.