نيب آفيسر کي عدالت ۾ فون تي ڳالهائڻ مهانگو پئجي ويو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾  نيب جي جاچ آفيسر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪامران کي عدالت ۾ فون تي ڳالهائڻ مهانگو پئجي ويو.عدالت نيب جي جاچ آفيسر کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي کيس گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت جاچ آفيسر ڪامران جو موبائل فون پڻ ضبط ڪري ورتو، جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته توهان کي هاڻي توهين عدالت تي جيل موڪلي رهيا آهيون.جنهن تي نيب جي جاچ آفيسرچيو ته معاف ڪيو، مون کان غلطي ٿي وئي، جنهن تي جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڇا سوري، عدالت ۾ بيهڻ جو هي ڪهڙو طريقو آهي؟  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.