نوابشاهه پوليس پاران ڪروڙين رپين جي منشيات هٿ

نوابشاھ(رپورٽ: فياض چنڊ ڪليري) نوابشاھ سٽي جي ڊي ايس پي سُلطان احمد چانڊيو، بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ثناءُ الله پنھور، سب انسپيڪٽر سُھيل احمد پٺاڻ ۽ ٻين بي سيڪشن ٿاڻي تي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي دعويٰ ڪئي آھي ته پوليس پارٽين ٻن ڌار ڌار ڪاروائين ۾ بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڪروڙين روپين جي منشيات آفيم ۽ چرس ھٿ ڪري ٻن عورتن ۽ ٽن مرد جوابدارن کي ھينو بس ۽ ھڪ ڪار سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ڊي ايس پي سُلطان چانڊيو ۽ ايس ايڇ او بي سيڪشن ثناءُ اللھ پنھور پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته  جاسوسي اطلاع تي گذريل ڏينھن پوليس جون ٻه  ڌار ڌار ٽيمون جوڙيون ويون ھڪ ٽيم نوابشاھ سانگھڙ روڊ تي سخي اُميد علي اسٽاپ وٽ ھڪ ھينو بس کي روڪيو ۽ تلاشي دوران بلوچستان جي علائقي چاغي جي رھواسي جوابدار علي اصغر ولد غلام قادر مينگل، ھڪ پيرسن عورت نگت زال رئوف آرائين سندس نوجوان ڌي معصوما زيب آرائين جيڪي قلا محمد حسن بروري روڊ ڪوئيٽا جون رھواسي آھن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 12 ڪلو چرس ھٿ ڪيو آفيسرن وڌيڪ ٻڌايو ته ٻي ڪاروائي دوران پوليس پارٽي سٺ ميل ڦاٽڪ وٽ ھڪ ڪار نمبر BBQ960 کي روڪي ڪار جي ڳجهن خانن ۽ سيٽن ھيٺيان جھڙتي ورتي ته اُتان اعليٰ ڪوالٽي جو 17 ڪلو آفيم ھٿ ڪيو پوليس 68 موري واسي منظور احمد پُٽ بختيار احمد بروھي ۽ ضلعي سانگھڙ جي چڪ نمبر 1 جي رھواسي قربان علي ولد زمان خان بروھي کي سڳ سوڌو گرفتار ڪيو ۽ ٽوئيٽا ڪرولا ڪار پڻ طحويل ۾ ورتي جوابدارن کان 12 مختلف پيڪٽن ۾ پيڪ ٿيل اعليٰ ڪوالٽي جو 17 ڪلو آفيم ضبط ڪيو ويو ڊي ايس پي سلطان چانڊيو ٻڌايو ته مذڪورھ ضبط ڪيل چرس ۽ آفيم جي عالمي مارڪيٽ ڪروڙين روپيا آھي انھي موقعي تي پوليس ذريعن ٻڌايو ته گرفتار ڪيل نوجوان ناري مسمات معصوما زيب آرائين ڪوئيٽا جي رھواسڻ آھي جيڪا بي بي اي جي شاگردياڻي آھي ۽ ھُن تعليم جي خرچن ۽ غربت سبب 40 ھزار روپيا وٺي اھو ڪم ڪيو آھي جڏھن ماءُ ڌي مسمات نگت آرائين ۽ معصوما زيب آرائين سان ميڊيا رابطو ڪيو ته انھن چيو اسان کي ڪا به خبر نه آھي اسان ته ھينو بس ۾ بلوچستان کان اچي رھيا ھئاسين پوليس اسان کي حراست ۾ وٺي سيٽ جي ھيٺان چرس برآمد ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.