ڪوئيٽا ۾ ينگ ڊاڪٽرن جو احتجاج، پوليس تشدد، 20 گرفتار

ڪوئيٽا (م ڊ) ينگ ڊاڪٽرن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري آهي ۽ ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ تي احتجاج ڪندڙ 20 ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته  چڪرين ۾ 6 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. پوليس ريڊ زون کي تي مختلف جاين تي ڪنڊي دار تارون لڳائي بند ڪري ڇڏيو هو پر احتجاج تي ويٺل ينگ ڊاڪٽرز ريڊ زون ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس طرفان لٺبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽرن طرفان مزاحمت ڪئي وئي ۽ جهڙپن دوران 6 پوليس اهلڪار زخمي پڻ ٿيا، جڏهن ته پوليس 20 ينگ ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪري ورتو، جنهن تي ينگ ڊاڪٽرز ۽ ريلي ۾ شريڪ پيرا ميڊيڪل اسٽاف انسڪمب روڊ تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.