شراب واقعي جو ذميوار ايڪسائيز کاتو آهي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڊالميا ۾ پاڪستان ٺھڻ کان اڳ 1933ع ۾ ھندو واپاري سيٺ رام ڪرشنا ماڻڪ رام جي نالي سان تعمير ڪرايل اسڪول تي بلڊر مافيا پاران سنڌ حڪومت جي ادارن جي مدد سان قبضي جي مبينا ڪوشش ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ جي تعليم واري صوبائي سيڪريٽري اڪبر لغاري بلڊر سان گڏجي موڪل واري ڏينھن اسڪول جو دورو ڪيو هيو، ان سلسلي خلاف علائقي واسين جي مسلسل احتجاج ۽ شڪايتن تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ مقامي ايم پي اي ارسلان تاج گھمڻ، اڳوڻي يوسي ناظم غلام اڪبر موريجو ۽ پارٽي اڳواڻن گڏجي اسڪول جو دورو ڪيو. اسڪول انتظاميا علائقي واسين ۽ شاگردن سان ملاقاتون ڪيون ۽ شاگردن پاران بلڊر مافيا ۽ سنڌ حڪومت خلاف بينر کڻي احتجاج پڻ ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي حليم عادل شيخ الزام هڻندي چيو ته ماڻڪ اسڪول جي زمين تي قبضي ۾ سنڌ حڪومت جا ادارا ملوث آهن،  هن چيو ته مراد علي شاھ ٻڌائي ته ڪالھ ٽنڊوڄام ۾ زھريلو شراب واپرائڻ سبب 10 ماڻھو فوت ٿي ويا آھن ان جو ذميوار ڪير آھي. ايڪسائيز پوليس جي نگراني ۾ منشيات کپائي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.