جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا: خالد مقبول

ڪراچي(رپورٽر) متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي مقامي هوٽل ۾ سياسي ۽ معاشي معاملن تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي جي صنعت، واپار ۽ هٿرادو صنعت جي قيادت اڄ هتي موجود آهي، جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون، خالد مقبول صديقي چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ اسان پاڪستان جي سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ڪري اتحاد جي ڳالهه ڪئي آهي، ايم ڪيو ايم 18 مارچ 1984ع تي ان وقت جي نوجوان شاگردن گڏجي ٺاهي هئي ۽ هن وقت به اسان سڀني وٽ ويا آهيون ، هن چيو ته  ايم ڪيو ايم ڪوٽا سسٽم جي خلاف  آهي ڪوٽا سسٽم جي خاتمي کان اڳ ميرٽ جو قتل ڪرڻ وارن جو خاتمو ڪيو وڃي، هن چيو ته جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.