احتجاج ناصر شاهه جهڙن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن: نصرت سحر

ڪراچي (رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ نصرت سحر عباسي چيو آهي ته ناصر شاهه علي بابا چاليهه چورن جي پهرين صف جو رانديگر آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه جي بيان تي ردعمل ڏيندي نصرت سحر عباسي چيو ته جي ڊي اي ۽ اپوزيشن جي ٻين جماعتن جي تاريخي احتجاج ناصر شاهه جهڙن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن، شاهه صاحب! اڃا ته پارٽي شروع ٿي آهي. هن چيو ته ناصر شاهه جي ڊي اي تي تنقيد کان اڳ پنهنجي ماضي تي نظر وجهي، شايد هو پنهنجو داغدار ماضي وساري ويٺو آهي، ناصر شاهه علي بابا چاليهه چورن جي پهرين صف جو رانديگر آهي، ياد رکو بيان بازي تي اسان به پيار سان جواب ڏيڻ جا قائل ناهيون، سنڌ جي تباهي ۾ توهان برابر جا شريڪ آهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.