جماعت اسلامي پاران مڪاني نظام خلاف ڪئمپون لڳائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت واري مڪاني نظام بابت ترميمي بِل خلاف ۽ ڪراچي ڌرڻي جي حق ۾ 14 ۽ 16 جنوري تي سڄي صوبي ۾ احتجاجي ڪيمپ لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، صوبائي ترجمان مجاهد چنا موجب ان سلسلي ۾ سنڌ جي سڀني ضلعي هيڊڪواٽرز تي احتجاجي ڪيمپون لڳايون وينديون، جماعت اسلامي جا صوبائي، ضلعي ۽ مقامي اڳواڻ انهن ڪيمپن جو دورو ڪن. جڏهن ته هينڊبل، پوسٽرز ذريعي بلدياتي بل ۽ سنڌ حڪومت جي عوام دشمن فيصلن کان عوام کي آگاه ڪن. جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي سنڌ اسيمبلي سامهون ڌرڻي جي 13هين ڏينهن تي خطاب ڪندي چيو ته آئين سان ٽڪراءُ کائيندڙ سنڌ جي بلدياتي ترميمي بل جي واپسي تائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي،ڇو ته چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن جي حقن تي ڌاڙو ۽ سنڌ دشمن ڪارو قانون آهي، ڪراچي جي حقن تي ڌاڙي خلاف ڪراچي جا شهري ڄمي بيٺل آهن، هوڏانهن حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان واپس وڃڻ لاءِ ڪارو قانون واپس ڪرائڻ لاءِ ويٺا آهيون،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.