ٺٽي ۾ نوجوان پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو

ٺٽو(ڊر) ٺٽي ويجھو فقير ڳوٺ جي رهواسي نوجوان عباس چوهاڻ پاڻ تي پئٽرول هاري باھ ڏيئي ڇڏي، باھ سبب سندس جسم 70 سيڪڙو سڙي زخمي ٿي ويو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال ٺٽو منتقل ڪيو ويو، جتان نازڪ حالت ھجڻ ڪري کيس ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو، باھ ڏيئي پاڻ کي ساڙيندِڙ نوجوان جي وارثن موجب نوجوان جو ذھني توازن ٺيڪ ناهي، معمولي ڳالھه تان جذبات ۾ اچي نوجوان عباس چوھاڻ پاڻ کي باھ ڏيئي ڇڏي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.