روڊن تي ويهي قانون تبديل ڪرائڻ ممڪن ناهي: سعيد غني

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار نئين مڪاني نظام واري قانون ۾ تبديلي کان انڪار ڪندي واضع ڪيو آهي ته 2001 جو مڪاني قانون سنڌ ۾ ڪنهن جي خواهش تي هر گز لاڳو نه ڪيو ويندو، روڊن تي ويهي ڪير اهو سمجهي ٿو ته هو قانون تبديل ڪرائي وٺندو ته اهو ممڪن نه آهي. سنڌ جي اطلاعات کاتي جي وزير سعيد غني اهڙو اظهار ڪئمپ آفيس ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، صوبائي وزير سعيد غني چيو ته مصطفيٰ ڪمال پهرين پنهنجو قد ڏسي پوءِ مڪاني حڪومتن واري قانون کي لاڳو ٿيڻ کان روڪڻ جي ڳالهه ڪري، مخالف ڌر مڪاني نظام تي ڍيڍ لاڪ برقرار رکيو ته ڀلي رکي، پر ڪنهن جي خواهش پوري نه ٿيندي.هن چيو ته تڪبندين جو ڪم حڪومت جو نه اليڪشن ڪميشن جو آهي، حڪومت صرف قانون موجب ڪائونسلن جا نمبر فراهم ڪندي آهي، سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي وارا پوري زندگي اسيمبلي آڏو ويٺا رهن پر 2001 وارو مڪاني قانون نه آڻينداسين، ڪنهن جي خواهش تي سنڌ ۾ قانون نه ٺاهينداسين، ڌرڻو هڻندڙ تجويزون ڏين، انهن تي غور ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪا سٺي تجويز هوندي ته ان کي مڃينداسين،  هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم وانگر جماعت اسلامي به لسانيت جي سياست ڪري پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي، ڪراچي تي قبضي جا بينر هنيا  ويا آهن، جماعت وارا ٻڌائين ته ته ڪراچي تي ڪنهن جو قبضوآهي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي وارن کي مشورو آهي ته سياسي مفادن لاءِ ڪراچي جي امن کي تباهه نه ڪن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.