متحده کي خدشا، مني بجيٽ جي منظوري مشروط

ڪراچي (رپورٽر ) ايم ڪيو ايم پاڪستان مني بجيٽ جي حوالي سان خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان جي 11 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي عمل نه ڪيو ويو ته مني بجيٽ جي مخالفت ڪنداسين.ذريعن موجب ايم ڪيو ايم 11 نڪتن تي ٻڌل تجويزون قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون. جنهن موجب 11 تجويزن کي شامل نه ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو فيصلو ڌار هوندو. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي اسيمبلي ميمبرن ۽ سينيٽرز کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن ته اسان جي تجويزن تي عمل نه ڪيو ويو ۽ عوام کي سڌو سنئون متاثر ڪندڙ ٽيڪس واپس نه ورتا ويا ته بل جي حمايت نه ڪنداسين. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم پنهنجي تجويزن ۾ چيو آهي ته ڪاٽيج انڊسٽري تي لڳايل ٽيڪس کي 100 سيڪڙو ڇوٽ کان 8 سيڪڙو تي آڻڻ جي مخالفت ڪريون ٿا. ان کي واپس ورتو وڃي. ملڪ ۾ توانائي جو بحران ۽ بجلي مهانگي ٿيندي پئي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ توانائي جي متبادل ذريعي سولر پينل تي ٽيڪس لڳائڻ زيادتي آهي. سولر پينل تي لڳايل ٽيڪس کي واپس ورتو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.