حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ لاڳاپا بهتر ناهن: راڻا تنوير

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ راڻ تنوير چيو آهي ته ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ لاڳاپا ڪجهه بهتر ناهن، بي اعتمادي رٿ تي مولانا فضل الرحمان جي ڪري ئي اسان جا خدشا هئا، هن چيو ته اتحادي به هن حڪومت مان خوش ناهن، اهي اسان سان رابطي ۾ آهن، انهن جي اشاري تي ئي اسان بي اعتمادي رٿ ڏانهن وڃي سگهون ٿا، هوڏانهن  راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ جي ڪاميابي جو انحصار پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن تي آهي، مريم نواز وقت اچڻ تي پارٽي جي قيادت ڪندي، وزيراعظم به بڻجندي هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بلاول جي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا به ڊيل ناهي، ڪالهه مني بجيٽ جي منظوري جي حوالي سان ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جو انگ پورو نه هو، اتحادي ڪڏهن به حڪومت جو ساٿ نه ڇڏيندا، هن چيو ته ن ليگ ۾ نوازشريف کانپوءِ شهبازشريف وزيراعظم جو اميدوار آهي، اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ ناهي،ٽي ايل پي سان ن ليگ جي ڪا به سيٽ ايڊجسٽمينٽ نه ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.