ٽنڊي الهيار ۽ ٽنڊي ڄام ۾ ٺري سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت، ڪيترائي نور وڃائي ويٺا

ٽنڊوالهيار/ ٽنڊوڄام(رپورٽ: خميسو دائوداڻي + احمد سجاد لاشاري) ٽنڊو ڄام ٽنڊوالهيار ۽ نصرپور ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 10 کان وڌيڪ ماڻهو اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، ڪيترن کي حالت نازڪ هئڻ ڪري اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب ٽنڊي الهيار ۾ زهريلو شراب واپرائڻ سبب پنج نوجوان فوت ٿي ويا، ٽنڊو الهيار واسي شاهنواز بلوچ ۽ نظام بلوچ جڏهن ته نصر پور واسي پريمو ڀيل، ڏيالو ڀيل ۽ لکو ڀيل ڪچو زهريلو شراب واپرائڻ سبب پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، فوتي شاهنواز بلوچ ۽ نظام بلوچ جي وارثن سندن لاش حيدرآباد ميرپور خاص روڊ تي ڌرڻو هنيو جنهن سبب مسافر گاڏيون بيهي رهيون، فوتي نوجوانن جي وارثن جو چوڻ هو ته زهريلي ڪچي شراب اسان جا نوجوان کسي ورتا آهن، گهرن ۾ روڄ راڙو آهي، آخر پوليس اهو زهر وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڇو نٿي ڪري؟ هي زهريلو ڪيميڪل وڪرو ڪري رهيا آهن منشيات فروشن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي جنهن بعد پوليس جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، رابطي ڪرڻ ڊي ايس پي اڪبر سمون ٻڌايو ته اسان کي ايس ايس پي رخسار کهاوڙ جون سخت هدايتون آهن اسان ڪارروائي ڪري وڌيڪ جانچ ڪنداسين جڏهن ته ڪچو شراب وٺندڙن جو چوڻ آهي ته هو ٽنڊوڄام جي حد ڳوٺ سوڀو مگسي مان وٺي آيا آهيون، انهي زهريلي شراب ڪيتريون ئي حياتيون کسيون آهن ڪچو شراب وڪرو ڪندڙن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو، جڏهن ته ڊاڪٽر وقاص جو چوڻ هو ته اسان وٽ ڪچو شراب واپرائڻ جا ڪيس روزانو ا چي رهيا آهن جن مان ٽي ته هتي ئي فوت ٿي ويا آهن ڪالو بلوچ، زمان بلوچ ۽ ٻن ٻين کي حيدرآباد ريفر ڪيو آهي، ڪچو شراب واپرائڻ سبب ٻن نوجوانن جي اکين تي اثر ٿيو آهي ۽ هڪ کي رت جون الٽيون اچي رهيون آهن اهو سڀ ڪچو شراب واپرائڻ جي ڪري ٿيو آهي، ٽنڊي ڄام ۽ ڀرپاسي ۾ ڪچي شراب تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڪچي شراب واپرائڻ سبب فوت ٿيلن جو انگ وڌي 14 ٿي ويو آهي، ڪالهه ڪچي شراب واپرائڻ سبب زرعي يونيورسٽي جو چوڪيدار تاج محمد مگسي، جمعون ڀيل، چندر ڪولهي ۽ امرشي ڪولهي زندگي جي جنگ هارائي ويا، جڏهن ته آچر مگسي، رامون ڪولهي، کينجهو ڪولهي اکين جي نور کان محروم ٿي ويا آهن، مليل ڄاڻ موجب ڪچي شراب واپرائيندڙ ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي، جنهن بعد فوتين ۽ اکين جي نور کان محروم ٿيلن جو تعداد اڃان وڌڻ جو خدشو آهي، ٻي طرف فوتي جمعو ڀيل جي ڀاءُ ڪيول ڀيل چيو آهي ته منهنجو ڀاءُ شراب سبب فوت ٿيو آهي شراب وڪرو نه ٿئي ها ته منهجو ڀاءُ فوت نه ٿئي ها، شراب جي پيداوار ۽ وڪري خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيئن وڌيڪ جانين جا ڏيئا اجهڻ کان بچائي سگهجن، هوڏانهن ڊي آءِ جي پير محمد شاھ واقعي جي سخت نوٽس وٺي سدائين جي روايت کي برقرار رکندي ايس ايڇ او ٽنڊوڄام پرويز پٺاڻ کي معطل ڪري ڇڏيو، ايس ايڇ او ٽنڊوڄام کي معطل ڪرڻ کانسواءِ پوليس پاران ڪنهن به قسم جي ڪا خاص تبديلي يا ڏوهارين خلاف ڪو ڪريڪ ڊائون شروع نه ڪيو ويو آهي نه وري ڪا ڪارروائي عمل ۾ نه آندي وئي آهي ۽ 14 جانين جي نقصان باوجود ڪا به گرفتاري تائين عمل ۾ نه آئي آهي، هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ڪچي شراب سبب فوتگين تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پوليس جي ڪارين رڍن سبب انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون آهن وارثن سان انصاف ٿيڻ گهرجي هر فورم تي آواز اٿارينداسين، حيدرآباد جي رپورٽر موجب ٽنڊو ڄام ۾ زهريلي ٺري واپرائي فوتگين واري معاملي تي ڊي آءِ جي پير محمد شاهه معطل ايس ايڇ او ٽنڊو ڄام پرويز يوسفزئي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترجمان پاران جاري پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٺري جي تياري ۽ وڪري جي روڪٿام لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا هئا ان ڪري معطل ڪرڻ بعد شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي کيس 7 ڏينهن ۾ جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي آءِ جي پاران معطل ۽ شوڪاز نوٽيس ڏيڻ باوجود لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ او اڃا تائين ٿاڻي جي چارج نه ڇڏي آهي ۽ نه ئي ايس ايس پي ساجد عامر سدوزئي پاران ايس ايڇ او معطلي بعد نئين ايس ايڇ او کي مقرر ڪيو ويو آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.