عمران صدي جو بحران، ميمبرن کي فونون پيون اچن: مخالف ڌر/ٽي ٽي مافيا ڏيوالو ڪڍيو، ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهايون: وفاقي سرڪار

اسلام آباد( م ڊ) مخالف ڌر مني بجيٽ تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي، بلاول عمران خان کي صدي جو وڏو بحران قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار پ پ ۽ ن ليگ جي حڪومتن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته انهن معاشي ڏيوالو ڪڍيو. مخالفن ڪهڙيون کير ۽ مادي جون نديون وهايون . قومي اسيمبلي ۾ ضمني مالياتي بل 2021ع تي بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آءِ ايم ايف سان جيڪا ڊيل ٿي اها ڪمزور ثابت ٿي جنهن سان ملڪ جي معيشت تي منفي اثر پيا ۽ سڄو بار عوام ۽ غريب عوام تي پيو. هن چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر زرداري ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي ته حڪومت اسان سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران کيس چئي پئي سگهجيو ته مخالف ڌر توهان جون شرطون نه مڃي رهي آهي پر هاڻي اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جيڪي اسان جي معاشي خودمختياري جي ابتڙ آهن. آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي ذريعن تي ٽيڪس لڳائڻ سان آبادي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، بلاول چيو ته 20 جنوري تي ملڪ جي آبادگارن احتجاج جو اعلان ڪيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ خواجه محمد آصف چيو ته ضمني مالياتي بل جي نتيجي ۾ وچولي ۽ گهٽ آمدني وارا طبقا متاثر ٿيندا. خواجه محمد آصف چيو ته ضمني مالياتي بل ۽ اسٽيٽ بئنڪ بل جي مخالفت ڪري رهيا آهيون.  ريڪوڊڪ، سوئي، گوادر تي پهريون حق بلوچن جو آهي. هن چيو ته جهڙي طرح مريءَ جي سانحي تي قوم متفق آهي اهڙي طرح بلوچستان تي پوري قوم کي متفق ٿيڻو پوندو. فاٽا کي ضم ڪيو ويو آهي. سولر پينل تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي، ان سان متبادل توانائي کي فروغ ڏيڻ ۾ مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون. حماد اظهر چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مسلم ليگ ن جي دور کان ورثي ۾ مليل معيشت جي ڏيوالپڻي کي پائيدار بنيادن تي وجهي ڇڏيو آهي، مخالف ڌر جيترو پروپيگنڊا يا شور مچائي اسان ريڙهي وارن ۽ ملازمن جي اڪائونٽ مان پئسو ڪڍنداسين. ايل اين جي تي موجوده حڪومت انهي ڪمپني سان سستا معاهدا ڪيا جنهن سان گڏ مسلم ليگ (ن) مهانگا معاهدا ڪيا هئا، ملڪي روانگي واپار ۾ 25 کان 30 سيڪڙو اضافو ٿي رهيو آهي سنڌ ۾ به اهو نظام لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا پر سنڌ حڪومت ان ۾ مدد فراهم نه ڪري رهي آهي. جماعت اسلامي جي قومي اسيمبلي ميمبر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو آهي ته غير ترقياتي خرچ گهٽ، ڪرپشن جو خاتمو ۽ غريب جي زخمن تي مرهم رکيو وڃي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سينيٽ سفارشن ۽ ضمني مالياتي بل 2021ع تي بحث ۾ حصو وٺندي هن بل کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته انهن قدمن جي نتيجي ۾ غربت وڌندي ۽ ملڪ جي هڪ وڏي آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويندي. وفاقي پارلياماني سيڪريٽري عاليه حمزه چيو آهي ته هن ملڪ ۾ چپڙاسين جي اڪائونٽس ۾ 400 ڪروڙ جمع ڪرائيندڙن ۽ ٽي ٽي مافيا جي ڪري معيشت ضرور تباهه ٿي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.