مڪاني چونڊن ۾ فوج جي مقرري رد، اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي غلام نه بڻجي: فضل الرحمان

اسلام آباد (م ڊ) مولانا فضل الرحمان ڪي پي جي مڪاني چونڊن جي ٻئين مرحلي ۾ فوج مقرري رد ڪري ڇڏي. مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته پي ڊي ايم جو 25 جنوري تي سربراهي اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ سميت سڀني آپشنز تي غور ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گڏ ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي 74 سالن جي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ نااهل حڪومت ناهي ڏٺي، وقت اچي ويو آهي ته حڪومت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ آئيني، قانوني رستو اختيار ڪيو وڃي. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته 23 مارچ تي ٿيندڙ مهانگائي مارچ انقلابي هوندو، حڪومت جي اتحادين کي به اپيل آهي ته اهي سوچين حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. هن چيو ته مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان ايندو، حڪومت کي عوام جو احساس ناهي، موجوده حالتن ۾ لانگ مارچ وڌيڪ اڻٽر ٿي ويو آهي. 25 جنوري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس ٿيندو، اجلاس ۾ معاملا طئي ڪيا ويندا، حڪومت خلاف قدمن تي غور ڪيو ويندو. پي ڊي ايم سربراهه چيو ته خيبر پختونخواهه چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فوج طلب ڪرڻ جو مطالبو رد ڪيون ٿا  اليڪشن ڪميشن ڪنهن جي غلام نه بڻجي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.