شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري، گرفتاري وارنٽ

لاهور (م ڊ) لاهور جي احتساب عدالت اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب پاور ڊولپمينٽ ڪمپني، ايرا ۽ سرڪاري کاتن جي فنڊن ۾ گهوٻين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعا عمران ۽ ناٺي عمران يوسف کي اشتهاري قرار ڏنو. عدالت ٻنهي جا دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا ۽ ٻنهي جي منقولا ۽ غير منقولا ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.