ڀاڻ جي ذخيره اندوزي سان فصل متاثر ٿي سگهن ٿا: وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن سان ڪا نرمي نه ڪئي ويندي، آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. ڪالهه اربع ڏينهن وزيراعظم ملڪ ۾ ڀاڻ جي طلب ۽ پهچ جي اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڀاڻ جي ذخيره اندوزي ربيع سيزن جي لاءِ فصل جي پيداوار کي بري طرح متاثر ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کي ڀاڻ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. وزيراعظم چيو ته آبادگار پاڪستان جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل هفتي دوران اٽڪل 19 هزار ميٽرڪ ٽن روزانو ڀاڻ جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو ۽ وڌيڪ هزار ميٽرڪ ٽن روزانو اضافو ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.