مڪاني ترميمي بل خلاف سنڌ ۾ گڏيل اپوزيشن جا مظاهرا، ريليون،ڌرڻا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ جي مڪاني بل خلاف جي ڊي اي جا مظاهرا،بدين ۾ بلدياتي قانون خلاف ايوان صحافت بدين آڏو جي ڊي اي جي پليٽفارم تان مسلم ليگ فنڪشنل ۽ مرزا گروپ پاران سوين ماڻھن بلدياتي نظام خلاف آحتجاجي ڌرڻو ھڻي ڪاري قانون خلاف سخت نعري بازي ڪئي،فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن خاور نظاماڻي،پير حامد شاھ،محمد موسا پھوڙ،مرزا گروپ جو اڳواڻ دلبر خواجا  ملڪ اختر اعواڻ،عمران سومرو جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن ايوان صحافت آڏو ڌرڻو ھڻي ڪاري قانون خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ دشمني جو ثبوت ڏنو آھي، ڪنڌڪوٽ ۾ متحده اپوزيشن پارٽين جي سڏ تي مختلف سياسي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سنڌ ۾ ٻٽي بلدياتي نظام خلاف ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي نظام نامنظور نامنظور جا نعره هنيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن ضلعي صدر اظهر علي شاهه، نواب علي سبزوئي، ميهرالدين گولاٽو،شاه بخش سهرياڻي،حبيب الرحمان نندواڻي،عبدالعزيز سومرو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پ پ سنڌ اندر تباهي آڻي ڇڏي آهي شهر کنڊرات بڻيل آهن روڊ رستا تباه هال لڳا پيا آهن،خيرپور ۾ فنڪشنل مسلم ليگ خيرپور ضلعي جي جنرل سيڪريٽري سيد عقيل حيدرشاه، حاجي امام بخش ڦلپوٽو، ڪامريڊ نثار احمد ابڙو ، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، عبدالجبار ٽڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو پ پ  جي حڪومت 14 سال اقتدار دوران سنڌ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ احتجاج مظاهرو ڪري گهنٽا گهر چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي فنڪشنل ليگ ضلع گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري اربيلو مڱريو، دودل مھر، عبدالستار مھر، جميل شاہ، حاجي غلام رسول بوزدار ڪئي، سانگهڙ ۾ ريلي جي اڳواڻي پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلعي صدر دستگير راڄڙ، پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ هولڊر مشتاق جوڻيجو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊويزنل اڳواڻن ڊاڪٽر محمد شريف، علي حسن نظاماڻي، حسين بخش خاصخيلي، رانا سردار علي، پپو قائم خاني، عبدالحڪيم راڄڙ، قمر مري ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي انور مري، محمد خان منڱريو، ڊاڪٽر محمد هاشم، ڄام نفيس علي، عبدالحفيظ زئي، عارف قريشي، نويد احمد، محمد نواز آرائين ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا،ٽنڊومحمدخان ۾ مسلم ليگ ف جي ضلعي اڳواڻ غلام مصطفي ميمڻ فقير اسلم جانوري الله بچايو سٺيو غلام مصطفي جت ۽ لالا حسن پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٺٽي ۾ پير اياز قريشي، شاھ نواز بروھي، ذوالفقار شورو، پير شاھ بخت، انجنيئر يونس بروھي، ارشد مينگل، جاويد خان جي اڳواڻي ۾احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته  يونين ڪائونسل جي چئيرمين کي تعليمي ادارن کي بھتر بنائڻ وارو اختيار ڏيڻ سان سنڌ جي تعليم جو ويتر ٻيڙو ٻڏندو، جيڪو نظام سڌو سنئون جاگيرداري ۽ سرداري نظام کي ھٿي ڏيارڻ آھي، عمرڪوٽ ۾  فقير مگھن منگريو، فقير سليم مھر، حاجي علي بخش منگريو، لياقت جوڻيجو، فقير غلام نبي منگريو، حاجي حسين منگريو، ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي، حاجي عمر منگريو، فقير محب منگريو، مزدور اڳواڻ فقير وڏڻ مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھڪ وڏي ريلي ڪڍي وئي،  ايڊووڪيٽ لالا ڀيل ايڊووڪيٽ ڀاڳچند ڀيل محمد قاسم ۽ ٻين خطاب ڪيو ريلي ۾ فقير غلام قادر منگريو غازي خان سمون ليکراج مالھي فقير رمضان راڄڙ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.