رياست پاران جوڙي جي تذليل ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد ۾ جوڙي جي تذليل ڪيس ۾ متاثر ناري پاران جوابدارن جي سڃاڻپ کان انڪار ڪرڻ کانپوءِ  رياست ڪيس جي پيروي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ان حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي قانون ۽ انصاف واري وزارت جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت وفاقي وزير فروغ نسيم ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ناري سان زيادتي ۽ هراسان ڪرڻ واري ڪيس جي پيروي رياست پاڻ ڪندي، ياد رهي ته اڱاري تي ناري عدالت ۾ بيان ڏيندي مک جوابدار عثمان مرزا سميت ٻين جوابدارن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو هو، پارلياماني سيڪريٽري مليڪه علي بخاري جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عثمان مرزا ڪيس تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان وٽ هن ڪيس جا ناقابل ترديد ۽ پڪا ثبوت موجود آهن، عثمان مرزا جي وڊيو جي پي ايس ايف اي کان تصديق ڪرائي وئي آهي، فوٽو گراميٽري ثبوت آهن، جيڪي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا، متاثر ناري ۽ نوجوان کي ڀرپور سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ڪيس جي سرڪاري وڪيل حسن عباس جو چوڻ آهي ته ناري نه صرف 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو هو پر جيل ۾ وڃي جوابدارن جي سڃاڻپ به ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.