اڏيرولال ڀرسان بليڪ ميلنگ مان تنگ نوجوان جو آپگهات، وڊيو ۾ اهم راز فاش

اڏيرولال (رپورٽ: سڪندر ساهووال) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ نوبت مري ۾ نوجوان وزير خاصخيلي بليڪ ميلنگ کان تنگ ٿي مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي آهي، نوجوان خودڪشي کان اڳ ويڊيو ٺاهي جيڪا وائرل ٿي وئي آهي، جنهن ۾ خودڪشي ڪندڙ نوجوان وزير خاصخيلي ويڊيو ۾ ايس ايڇ او عمرساند علڻ عباسي لاءِ پيغام ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته سندس چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ عيسيٰ ساند گم ٿي ويو هو، جيڪو گم نه پر قتل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پوليس اهلڪار عبدالڪريم عرف عدلو خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، ستار خاصخيلي، عبدو عرف احمد خاصخيلي، گلو خاصخيلي ۽ عبدالڪريم خاصخيلي جي گهرواري مسمات ليليٰ ۽ مسمات گل بانو ملوث آهن، جنهن کي هنن قتل ڪيو آهي، جيڪڏهن پوليس ڪارروائي ڪري ته ٻه سال اڳ گم ٿي ويل عيسيٰ ساند جي قتل جا پيرا مٿي ڄاڻايل ماڻهن ڏانهن ويندا، وڊيو ۾ جو چوڻ آهي ته اهي ماڻهو مونکي بليڪ ميل ڪندا هئا، هن جو چوڻ آهي ته هن هڪ چار لک رپين ۾ پلاٽ خريد ڪيو هو، جنهن کي پڻ ڦٻائڻ جي ڪوششن ۾ هئا ۽ مونکي ڌمڪيون ڏيندا هئا ته پلاٽ خالي ڪر، ان کانپوءِ فيصلو علائقي جي وڏيري شاهد هنڱوري ۽ يار محمد خاصخيلي ڪيو هو، تنهن باوجود به مونکي ڌمڪيون ڏيندا هئا، هن جو چوڻ هو ته وڏيري پاران ڪيل فيصلي ۾ مونکي 11 لک به ڏيڻا هئن، جيڪي هنن نه ڏنا ۽ مونکي اڪثر ڪري ڌمڪيون ڏيئي بليڪ ميل به ڪندا هئا، خودڪشي ڪندڙ وزير خاصخيلي جو چوڻ آهي ته گذريل رات به منهنجي گهر تي حملو ڪيو ويو ۽ منهنجي گهر کي ڊاهڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، تنهن جو مون بروقت پوليس اهلڪار اصغر خاصخيلي کي اطلاع به ڏنو هو، جنهن پڻ فون بند ڪري ڇڏيو. هن ويڊيو بيان ۾ چيو آهي ته مون کوڙ ڀيرا چڱن مٺن کي دانهون ڏنيون، پر منهنجي ڪنهن به ڪانه ٻڌي ۽ مونکي پلاٽ لکي ڏنو هو، تنهن باوجود به مون کي بليڪ ميل ڪندا هئا، انصاف نه ملڻ ڪري آئون پنهنجي زندگي جو انت آڻيان ٿو. هن پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ ايس ايڇ عمر ساند علڻ عباسي کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته ٻه سال اڳ عيسيٰ ساند گم ٿي ويو هو، جيڪو گم نه ٿيو آهي پر ان کي قتل ڪيو ويو آهي. هن چيو عيسيٰ ساند جي قتل ۾ مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو ملوث آهن، پوليس ڪارروائي ڪري ته قاتل وائکا ٿي ويندا. هن پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ واضح چيو آهي ته مونکي ڌمڪيون ڏيندڙ منهنجي گهر تي حملو ڪري منهنجي گهر کي ڊاهڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته منهنجي داد فرياد ڪنهن نه ٻڌي جنهن ڪري مجبور ٿي خودڪشي ڪري رهيو آهيان. هن ويڊيو ۾ ڪجهه ماڻهن جا نالا کڻي پنهنجن ٻارن جي پارت پڻ ڪئي آهي.

  • عيسيٰ ساند جي قتل ۾ ڄاڻايل جوابدار ئي ملوث آهن: پوليس

اڏيرولال: عمر ساند ٿاڻي جي ايس ايڇ او علڻ عباسي ٻڌايو ته وائرل ٿيل ويڊيو مون تائين پهتي آهي، عيسيٰ ساند جي قتل ۾ بلڪل اهي ئي ماڻهو ملوث آهن ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس پڻ هلندڙ آهي ۽ ڪورٽ ئي عيسيٰ ساند جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي ضمانت ڏني آهي. باقي انسانيت جي ناتي آئون ان معاملي کي ايس ايس پي ٽنڊو الهيار ۽ ڊي آئي جي تائين معاملي بابت آگاهي ڏيندس ۽ جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندس.

  • خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي وارثن پاران ڪيس داخل ڪرائڻ کان انڪار

اڏيرولال: خودڪشي ڪندڙ وزير خاصخيلي جي ڀاءُ ۽ ٻين عزيزن پنهنجي ڀاءُ جي حد جي ٿاڻي تي ڪابه فرياد داخل نه ڪرائي آهي، جڏهن ميڊيا وارا موقف لاءِ ويا ته مقتول جي ڀاءُ غلام حسين گهر کان ٻاهر ڪونه نڪتو ۽ نياپو موڪليو ته اسان ڪوبه ڪيس وغيره داخل ڪرڻ نٿا چاهيون، اسان جو ڀاءُ مري ويو آهي. اسان ڪوبه قدم نه کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.