شهري گم ٿيڻ تي رينجرز هيڊڪوارٽر چيڪ ڪيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته رينجرز وارن شهرين کي نه کنڀيو آهي ته پوءِ ڪير کڻي ويا؟ هاڻي خط لکڻ بدران رينجرز جو در وڃي کڙڪايو، ڊڄو نه ۽ وڃي پڇو ته شهرين کي نيٺ ڪير کڻي ويو آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ گم ٿيل شهرين جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جاچ آفيسر کي مخاطب ٿيندي چيو ته  رينجرز جي وردي ۾ ڪو ٻيو شهرين کي کڻي ويو ته اها صورتحال وڌيڪ خطرناڪ آهي.عدالت پنهنجي رمارڪس  ۾ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جا وارث الزام لڳائي رهيا آهن ته کين رينجرز وارا کڻي ويا آهن، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته اسان خط لکيا آهن، وڌيڪ به خط لکنداسين، عدالت چيو ته خط نه پاڻ وڃي ڪري رينجرز جو دروازو کڙڪايو ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر وڃي چيڪ ڪيو، جاچ آفيسر جي رينجرز هيڊڪوارٽر وڃڻ سان وڏو فرق پوندو.جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين پوليس کي اجازت ڏيئي ٿي ته ڪٿي به وڃي ڪنهن کان به جاچ ڪري سگهي ٿي.ان موقعي تي رينجرز جي پراسيڪيوٽر حبيب احمد چيو ته رينجرز لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪنهن کي به حراست ۾ ناهي ورتو ويو، جنهن تي عدالت  چيو ته چيڪ ڪرڻ ۾ ڇا آهي؟، جاچ آفيسر توهان وڃو ۽ رينجرز هيڊڪوارٽر ۾ چيڪ ڪيو.جسٽس مبين لاکو چيو ته اسان پندرهن ڏينهن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪيو.درخواست گذارن چيو ته وقار رحمان، شمشاد علي ۽ ٻين کي رينجرز 6 سال اڳ حراست ۾ ورتو هو . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.