آن لائن واپار بهاني فراڊ واري ڪيس ۾ ٻه روپوش جوابدار عدالت پيش

ڪراچي (رپورٽر)مقامي عدالت ۾ آن لائن واپار ڪري ماڻهن سان فراڊ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ايف آءِ اي ٻه روپوش جوابدارسلمان ۽ اويس  کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي .عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪري اڳڀرائي رپورٽ گهري ورتي آهي .جوابدارن جي خلاف 200ملين رپين کان وڌيڪ مشڪوڪ ٽرائزيشنر ڪرڻ جو الزام آهي . 03

  • ڪراچي نادرن باءِ پاس تان ٻه لاش هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي نادرن باءِ پاس اٽڪ پئٽرول پمپ ڀرسان هڪ جهنگ مان 2 ڄڻن جا لاش هٿ آيا آهن، ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته لاش 2 کان 3 ڏينهن پراڻا آهن لاش کي ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

  • ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، متحده لنڊن جو دهشتگرد گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾  سي ٽي ڊي ۽ رينجرز پاران گڏيل ڪارروائي ڪندي پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن جو دھشتگرد گرفتارسي ٽي ڊي اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار 2018 ۾ واٽر بورڊ ۾ جونيئر ڪلارڪ طور ملازمت ڪري رهيو آهي ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي وئي ڪارروائي دوران جوابدار کان ڪلاشنڪوف ۽ پستول به برآمد ڪيو ويو آهي جوابدار جاچ دوران  پوليس اهلڪارن کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي

  • اسلام ڪوٽ ۾ بيماري کان تنگ ناري جو آپگهات

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:)اسلام ڪوٽ ڀرسان بيماري کان تنگ ٿي نوجوان ناري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،ڳوٺ جهانگرو ۾ 20 ورهين جي نوجوان ناري فرزانا زال عمران خاصخيلي پنهنجي گهر جي اندر چوئنري ۾ رسو ٻڌي مبينا  ڦاهو آپگهات ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو،اطلاع تي جهانگرو پوليس پهچي ناري جي لاش کي تحويل ۾ ورتو،وارثن موجب ناري اڪثر بيمار رهندي هئي بيماري کان تنگ ٿي هن خودڪشي ڪئي آهي،جڏهن ته آخري اطلاعن موجب پوليس ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاء اسلام ڪوٽ کڻائي اچي رهي هئي پوليس موجب ناري جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويندو

  • سعودي عرب: ڪورونا سبب 1800 نرسريون ۽ 600 نجي اسڪول بند

رياض (م ڊ) سعودي عرب جي مقدس شهر مڪي شريف جي چيمبر آف ڪامرس ۾ نجي تعليمي ڪميٽي جي نائب سربراهه ڊاڪٽر فهد حمد بن يمين چيو آهي ته ڪورونا وائرس بحران سبب هاڻي تائين 1800 نرسريون ۽ 600 نجي اسڪول بند ٿي چڪا آهن. عرب سڌ سماءُ جي ذريعن ڊاڪٽر فهد حمد جي حوالي سان ٻڌايو ته نجي اسڪول ۽ نرسريون ڪورونا وائرس سبب گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ متاثر آهن، هاڻ وقت اچي ويو آهي ان جي مدد ڪئي ويندي.

  • شڪارپور ۾ ايڪسائيز جي ڪارروائي، 22 ڪلوچرس هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر رحيم بخش سنجراڻي جي اڳواڻي ۾ شڪارپور ايڪسائيز پوليس شڪي ٽرڪ نمبر E-2822 جي تلاشي ورتي ۽ 22 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو. ڊيرا اسماعيل خان جي رهواسي غلام شبير کي به گرفتار ڪيو ويو. جوابدار چرس کڻي ڪراچي وڃي رهيو هو. جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٽرڪ به ضبط ڪئي وئي آهي.ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪامياب آپريشن تي مبارڪباد ڏيندي هن اميد ظاهر ڪئي ته آفيسر منشيات فروشن خلاف اهڙي ئي محنت ۽ لگن سان منشيات وڪرون ڪندڙن جي خلاف ڪارروائي جاري رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.