مڪاني نظام پ پ، اپوزيشن جو گڏيل ڊرامو آهي: سنڌ پروگريسو ڪميٽي

ڪراچي (پ ر) سنڌ پروگريسو ڪميٽي (SPC) جو اجلاس گذريل ڏينهن ڪراچيءَ ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ عوامي ورڪرس پارٽيءَ پاران يوسف خان مستي، ڪامريڊ يونس راهو، جيئي سنڌ محاذ پاران عبدالخالق جوڻيجو ۽ امداد چاچڙ، عوامي جمهوري پارٽيءَ پاران نورنبي راهوجو ۽ حريف چانڊيو، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ڪامريڊ امداد قاضي پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) پاران اعجاز منگي ۽ زبير جتوئي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪراچيءَ جي حوالي سان هلندڙ بلدياتي نظام جي سلسلي کي پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلاميءَ جو گڏيل ڊرامو قرار ڏنو ويو ۽ چيو ويو ته جنهن به ڌر ڪراچيءَ جي بلدياتي نظام جو ميئر جي صورت ۾ اقتدار حاصل ڪيو ته ان ڪرپشن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪيو آهي. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم توڙي جماعت اسلامي ڪراچيءَ ۾ نسلي ۽ ٻوليءَ واري نفرت ڦهلائي ماڻهن جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪري پنهنجو ووٽ بينڪ ٺاهڻ ٿا چاهين. سنڌ پروگريسو ڪميٽيءَ پنهنجي اجلاس ۾ عدليا پاران ٿر جي عظيم جبل ڪارونجهر جي ڪٽائيءَ کي تاحيات روڪڻ واري فيصلي جي دليل دل سان آجيان ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو ته ڪارونجهر جبل وانگر سنڌ جي ٻين جبلن، ٽڪرن، ٽڪرين ۽ فطرت جي باقي مظهرن کي به بچائڻ جي لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سنڌ اندر ايندڙ ٻاهرين ماڻهن جي لاءِ ورڪ پرمٽ جو قانون ٺاهڻ جو مطالبو به ڪيو ويو.ايس پي سي جي اجلاس ۾ مهانگائيءَ جي خطرناڪ طوفان تي تمام گهڻي تشويش جو اظهار ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن اهو سلسلو ان طرح سان هلندو رهيو ته غريب ماڻهو مانيءَ ڳڀي کان به محروم ٿي ويندو. اجلاس ۾ سنڌ اندر ڀاڻ جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪري ڀاڻ بليڪ مارڪيٽ ڪرڻ واري ڪڌي عمل جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ اجلاس ۾ اعلان ڪيو ويو ته هلندڙ مهيني جي 15تاريخ سموري سنڌ ۾ مني بجيٽ ذريعي مهانگائيءَ مڙهڻ ۽  ڀاڻ جي کوٽ خلاف ايس پي سي جي پليٽ فارم تان سموري سنڌ جي ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.