ماٿيلي ۾ آبادگار تي اهلڪار تشدد مامرو، ڪارروائي نه ٿي، وڪيل ٿاڻي پهتا، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: پريم راٺوڙ ) ميرپورماٿيلو ۾ زرعي ڀاڻ جي ڊيلرن جي دوڪانن تي ڀاڻ وٺڻ لاءِ آيل آبادگارن مٿان بااثر پوليس اهلڪار شوڪت سيال جو لٺين سان  تشدد ڪرڻ واري واقعي خلاف ميرپورماٿيلو جا وڪيل ۽ سياسي سماجي اڳواڻ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ ميرپور ماٿيلو ٿاڻي تي پهچي احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن وڪيل عبدالمجيد ميربحر،  وڪيل ظهير ملاڻو،  ثناالله چاچڙ، رمضان ڪلوڙ،  اڪرم ميتلو، ڪمال مهر ۽ ٻين  چيو ته شوڪت سيال جو آبادگارن تي تشدد ڪرڻ وارو عمل  قابل برداشت جهڙو ناهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اعليٰ عملدار عوام جي ايڏي تزليل ٿيندي به خاموش آهن، پر اسين خاموش نه رهنداسين جيڪڏهن شوڪت سيال تي ايف آءِ  آر داخل نه ٿي ته سڀاڻي ايس ايس پي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.