”مطالبا مڃو“ حيدرآباد ۾ ايس پي ايس سي ملازمن جي بک هڙتال

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ آفيس جي مک گيٽ آڏو ٽئين ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي. ان موقعي تي منظور قريشي، عبدالقيوم صديقي ۽ ٻين چيو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ملازمن جي اپگريڊيشن وارو معاملو التويٰ جو شڪار آهي، جڏهن ته سينيئر عملدارن جا پروموشن نٿا ڪيا وڃن. هنن چيو ته هڪ طرف ملازمن کي اپگريڊ نٿو ڪيو وڃي ته ٻئي طرف ملازمن کي ڪميشن الائونس ۽ يوٽيلٽي الائونسز به نٿو ملي، جڏهن ته ملازمن جي رهتن وارو معاملو به برقرار آهي. هنن چيو ته اسان ڪيترائي ڀيرا مطالبن جي مڃتا لاءِ حتجاج ڪيا آهن، پر تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته اداري جي چيئرمين جو ملازمن ڏانهن رويو بلڪل درست ناهي، جنهن سبب ملازم سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جائز مطالبا تسليم ڪري ملازمن کي پکڙيل بيچيني فوري طور ختم ڪئي وڃي. ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.