ڄامشورو ۾ عورت ڏير هٿان گهٽا ڏئي قتل، ڪارڻ معلوم نه ٿيو

ڄامشورو(  رپورٽ : صدر الدين جوڻيجو) ڄامشوري ٿاڻي جي سامهون ڳوٺ لاکو فقير ۾ پورهيت ربنواز ملاح جي گهر ۾ عصر مهل سندس گهر واري 50 ورهين جي انور خاتون ملاح جو تشدد ٿيل ۽ ڦاهي ڏنل لاش هٿ آيو, مڙس جي اطلاح تي ڄامشورو پوليس پهچي لاش تحويل وٺي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حواليڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڄامشورو ملڪ رياض ٻڌايو ته ربنواز عرف بصر ملاح کير جو واپاري آهي مقتولا زال سان گڏ رهندو هو جنهن پوليس کي بيان ڏنو آهي ته هو عصر ويل کير کڻڻ لاء گهران نڪري ويو ۽ ڏينهن جو 11 ڌارا واپس گهر آيو ته سندس زال قتل ٿيل پئي هئي ۽ گهر جو سامان ٽڙيل پکڙيل هو, هن پوليس کي گمراھ ڪرڻ لاء ڪوڙو ڊرامو راچيو ته سندس گهر ۾ چور داخل ٿيا آهن ۽ مذاحمت تي زال کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن, هن جي اهڙي بيان بعد مون فنگر پرنٽس وٺڻ لاء ٽيم گهرائي ورتي جن ڪمري اندر ٽڙيل پکڙيل سامان ۽ مقتولا جي نڪ مال وهيل رت مان فنگر پرنٽس ورتا جنهن بعد لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاء لاش کڻائي سول اسپتال حيدرآباد پهتاسين جتي ڊاڪٽرن لاش جو معائنو ڪندي پوسٽ مارٽم ڪيو, ابتدائي رپورٽ ۾ ڊاڪٽرن ٻڌايو ته واقعو رات جو 10 , 11  وڳي ٿيو آهي جنهن کي وارث صبح جو واقعو ڪري پيش ڪري رهيا هئا, پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ ۾ واقعو ڪليئر ٿيو جنهن بعد مقتولا جي مڙس ۽ ٻين وارثن تي پوليس دٻاءۡ وڌو ته ماملي کي ڪليئر ڪيو ته عورت ڪيئن قتل ٿي آهي جنهن تي وارثن ٻڌايو ته عورت جي ڏير وڪيو ملاح ڀاڄائي کي تنگ ڪندو هو ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو انهي کيس قتل ڪيو آهي, ايس ايڇ او موجب قتل واقعي ۾ مقتولا جو مڙس به خبروار آهي, مک جوابدار وڪيو ملاح جي گرفتاري لاء ڪوٽڙي سميت مختلف هنڌن ڇاپا هنيا آهن پر هٿ اچي نه سگهيو آهي, وارثن مٿان دٻاءۡ آهي ته مقتولا جي مڙس ۽ ڏير کي پيش ڪيو جن پڪ ڏني آهي ته مقتولا جي تدفين بعد ٻنهي کي پوليس وٽ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.