رتيديري ۾ ٻڻ ڄڻن کان ڦر، مزاحمت تي هڪ ڄڻو زخمي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو ٿاڻي جي حد مسوديرو لاڙي وٽ هٿياربندن ڦورن ڳوٺاڻي نادر ۽ سندس ڀاءُ نظام ڏاهاڻي کي يرغمال بڻائي موٽرسائيڪل، هڪ لک روپيا روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جتي مزاحمت تي هٿياربندن نوجوان نظام ڏاهاڻي کي مارڪٽ ۽ سندس ڀاءُ نادر ڏاهاڻي کي گولي هڻي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا بعد ۾ زخمي کي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي جي ڀاءُ نظام ڏاهاڻي ٻڌايو ته اسان موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ ميرپور ڀٽو وڃي رهيا هئاسين ته مسوديرو لاڙي وٽ هٿياربندن ڦورن روڪي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڀاءُ کان موٽرسائيڪل، هڪ لک روپيا ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت تي هنن مون کي مارڪٽ ڪرڻ سان گڏ ڀاءُ کي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي هٿياربند ڦورن کي گرفتار ڪري روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.