فهميده سيال قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل، مک جوابدار روپوش قرار

قمبر (ڊ ر) قمبر جي عدالت فهميده سيال قتل ڪيس کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو.فريادي  غلام تقي سيال جي درخواست تي قمبر جي سول جج ائنڊ جڊيشل مئجسٽريٽ اياز علي اعواڻ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت فھميده سيال قتل ڪيس اي ٽي سي لاڙڪاڻي ۾ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هوڏانهن مک جوابدار شهيد اسراڻ ۽ نديم اسراڻ کي پوليس 2 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جن کي عدالت روپوش قرار ڏئي ڇڏيو جڏهن ته ڪالهه جوابدار تصور اسراڻ، عزيز عرف ميجر اسراڻ، طالب لاڙ ۽ سيف الله شاھاڻي کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪرڻ بعد لاڙڪاڻو سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو.ياد رهي ته ٻه مهينا اڳ خير پور جوسو ۾ پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ جي پيءُ ۽ سندس هٿياربند ساٿين جي فائرنگ ۾  عورت فھميده سيال قتل ٿي وئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.