ننگرپارڪر ۾ گگرال کي ٽڪي ۽ چائنا ڪلي فئڪٽرين خلاف ڌرڻو

مٺي (رپورٽ:غازي بجير) ننگرپارڪر ۾ قيمتي وڻ گگرال کي ٽُڪي تباھ ڪرڻ ۽ شهر ۾ قائم چائنا ڪلي جي فيڪيٽرين خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا. ڪارونجھر سجاڳ فورم طرفان ننگرپارڪر شھر ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو  ھنيو ويو. اڳواڻن الھرکيو کوسو، مصطفىٰ دل،رميش ڪارونجھري ۽ ٻين چيو ته گگرال سميت ڪارونجھر جي اندر سڀئي وڻ ڪارونجھر جي سونهن آھن،جنھن کي غيرقانوني ٽُڪي قدرتي سونهن کي ختم ڪيو پيو وڃي،گگرال جي وڻ جا چار قسم ٿيندا آھن،گگرال جي وڏي وڻ جي عمر عام طور تي سوين سال ٿيندي آھي،گگرال پاڻ موسم تحت کنئور ڏيندو آھي،پر ان ۾ ڪيميڪل لڳائڻ سان ھو تڪڙو ۽ وڌيڪ مقدار ۾ کنئور ڏيندو آھي،جنھن جي ڪري اُھو وڻ چند ئي سالن ۾ ختم ٿي ويندو آھي،برساتون گھٽ پوڻ ڪري نئون وڻ تيار نٿو ٿئي ٻيو وري ڪيميڪل ھڻي وڻن جي تباهي ڪئي وئي آھي،جنھن سان ڪارونجھر جي قدرتي سونهن ختم ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي اثر به ٿيندو آھي،اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ننگرپارڪر شھر جي ماڻهن جي پيئڻ جي پاڻي جو واحد ذريعو پيئائو تي ٺھيل کوھ آھن،پر انھن کوھن جي ڀر ۾ چائنا ڪلائي جون فيڪٽريون ٺھيل آھن،جنھن جي جو گندو ۽ زھريلو پاڻي ڀٽياڻي ندي ۾ ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو،جيڪو سيپيج ٿي کوھن ۾ اچي ٿو،نتيجي ۾ پاڻي خراب ٿي وڃي ٿو ۽ انسان مختلف بيمارين ۾ وٺجي وڃن ٿا،ان سان گڏوگڏ ندين جي اندر چائنا ڪلائي جي مٽي جا ڌڙا لڳل آھن،جيڪي برساتي نيون وھڻ ڪري ڪيترائي ڪلوميٽر پري تائين مٽي ڦھلجي وڃي ٿي ۽ کوھن ۾ پاڻي کارو ڪرڻ سان گڏ زھريلو بڻائي ڇڏيندي آھي،اڳواڻن لاڳاپيل کاتن کان مطالبو ڪيو ته گگرال جي ٽڪائي فور طور روڪرائي ڪارونجھر جي سونهن بچائي وڃي ۽ چائنا ڪلائي جون فيڪٽريون انساني آبادي کان ٻاھر منتقل ڪري فيڪٽري مالڪن کي پابند بڻايو وڃي ته ھو گندي پاڻي کي روڪي ۽ مٽي کي حفاظتي ديوار لڳائن ته جيئن نقصان کي بچي سگهجي،ٻي پاسي اڳواڻن چيو ته چائنا ڪلائي جي کوٽائي واري سائيٽ سوين فٽ ھيٺ کڏا ھنيا وڃن ٿا نتيجي ۾ برسات سبب انھي کڏن ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو ۽ ان ۾ انسان توڙي جاندار ڪري فوت ٿي وڃن ٿا معدنيات کاتي جي پاليسي مطابق اھي کڏا ليز مليل ڪمپني کي پورائڻا آھن جنھن جو معدنيات کاتي جي آفيسرن واعدو ڪيو ھو ته انھي کي پورايو ويندو پر ھن وقت تائين اھي ساڳي حالت ۾ پيل آھن،لاڳاپيل کاتي کي گھرجي ته کوٽائي واري  کڏن کي پورايو وڃي ته جيئن برساتي موسم ۾ انسان ۽ جاندار انھي کڏي ۾ ڪرڻ کان بچي سگھن، ڪارونجھر سجاڳ فورم جي اڳواڻن ننگرپارڪر جي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ کي  ڪارونجھر جي ڪٽائي خلاف فوري طور نوٽيس وٺي ڪٽائي روڪرائڻ جي ڏنل فيصلي کي ساراھيندي چيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر جي ماڻھن تي پنهنجي قانوني ذميواري نڀائيندي ھڪڙو احسان ڪيو آھي،ھاڻي حڪومت جي ذميواري آھي ته ھو ڪارونجھر جبل جي غير قانوني مليل ليزن کي ختم ڪري ڪارونجھر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائي نيشنل پارڪ جو درجو ڏياريو وڃي،مظاھري ۾ وڏي انگ ۾ شھر واسين شرڪت ڪئي.

  • فئڪٽرين وارن پاران کوٽيل کڏن ۾ ڪري وڏي تعداد ۾ جانور مري ويا

مٺي:چائنا ڪلي فيڪيٽرين جي آسپاس وڏا کڏا کوٽيل هجڻ ۽ کڏن اندر ڪنو پاڻي بيٺل هئڻ ڪري جانور ٻُڏي مري رهيا آهن،کوٽيل کڏا نقصانڪار بڻيل آهن،جنهن سبب انساني زندگيون به داءُ تي لڳل آهن،معدنيات کاتي پاران کڏا بند ڪرائڻ جو واعدو ڪرڻ عمل ناهي ڪيو.

  • فئڪٽرين جي زهريلي پاڻي جر خراب ڪري ڇڏيو

مٺي:چائنا ڪلي جي فيڪيٽرين جو زهريلو پاڻي ڀٽياڻي ندي ۾ ڇوڙ ٿيڻ ڪري زير زمين کوهن جو پاڻي خراب ٿي ويو،فيڪيٽرين اندران  ڪيميڪل جي ملاوٽ وارو زهريلو ڀٽياڻي ندي ۾ داخل ٿيڻ بعد اُهو پاڻي سپيج ڪري زيرزمين کوهن جي پاڻي کي خراب ڪري رهيو آهي،جنهن سبب ننگرپارڪر جي کوهن جو پاڻي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.