سيوهڻ ۾حددخلين خلاف آپريشن، چپرا ڊاهي پٽ

سيوھڻ(ن ع آ)سيوھڻ جي مقامي انتظاميا پاران اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ عبدالرحيم قريشي جي نگراني ۾ پوليس ۽ ميونسپل عملي سان گڏ فٽ پاٿ خالي ڪرائڻ ۽ حددخلين خلاف آپريشن ڪندي ڪيترائي ڇپر ڊاھي پٽ ڪيا ويا جڏهن ته سيوھڻ جي جھاز چوڪ کان گولڊن گيٽ تائين غير قانوني طور تي 100 کان وڌيڪ ڇپرا ۽ ھوٽلن جا صندل ھٽائي ۽ سامان ضبط ڪري ميونسپل جي ٽريڪٽر ٽرالين تي کڻايا ويا، جڏهن ته حددخلين خلاف  آپريشن ٿيڻ سبب بيروزگاري جي وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي ۽ عوام ۾ بيچيني جي لھر ڇائنجي وئي ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ عبدالرحيم قريشي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي ھدايتن ۽ شھرين جي شڪايتن تي آپريشن  ڪيو ويو آهي شھر جي مک ٻن داخلي روڊن ۽ ڦٽ پاٿن تي ماڻھن پاران غير قانوني طور ڇپرا لڳائي ۽ صندل لڳائي قبضا ڪيا ويا آهن جنھن ڪري زائرين ۽ شھرين کي اچ وڃ ۾ سخت تڪليفن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي, ھن چيوته جيڪڏهن دوڪاندار ۽ شھري ان معاملي ۾ تعاون ڪن ته سندن سامان يا ڇپرا ضبط نه ڪيا ويندا ان ڪري ھو پاڻ غيرقانوني طور تي ڪيل قبضا ختم ڪن ٻي صورت ۾  آيريشن جاري رکيو ويندو.

  • نواز شاهه ڀاڏائي بدين پهتو، جي ايم سيد سالگرهه جون دعوتون

بدين  (ڊ ر) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي ايوان صحافت بدين پھچي رھبر سنڌ سائين جي ايم  سيد جي 118 ھين سالگرھ جي جلسي جي دعوت ڏني.انھي موقعي تي صحافين سان  ڳالھائيندي نواز شاھ ڀاڏائي چيو ته سنڌ جون حالتون ھٿ وٺي خراب ڪيون ويون آھن بک ۽ مھنگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ماڻھو روزانه خوڪشيون پيا ڪن موجود حڪمران ناڪام ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ جي وسيلن تي وفاق جو قبضو آھي پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي سنڌ کي برباد ڪرڻ جون ذميوار آھن قومي ڪارڪنن کي سيد جي سالگرھ کان روڪيو پيو وڃي ڪراچي کي ھڪ ڀيرو ٻيھر لساني سياست جو مرڪز بڻايو پيو وڃي ڪلھ لساني ٽولا اھو ڪم ڪندا ھئا اڄ مذھبي ڌريون ڪنھن خاص آشرواد تحت ساڳيو ڪم پيون ڪن سنڌ جا ماڻھو خبردار ٿين ۽ سيد جي فڪر تي عمل ڪن سنڌ جي وجود کي سنگين خطرا آھن.ٻئي پاسي نواز شاھ ڀاڏائي ڪي ٽي اين جي ڪيمرا مين علي ميمڻ سان سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي پڻ ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.