پٽ جا قاتل گرفتارڪرائڻ لاءِ پيرسن عورت جو بدين ۾ٻئي ڏينهن به احتجاج

بدين (رپورٽ : رازقڏنوکوسو) نوجوان پٽ جا قاتل گرفتار ڪرائڻ لاء پيرسن امڙ جو ٻئي  ڏينھن به سخت سردي ۾ آحتجاج,ڪڍڻ لڳ ڳوٺ مير الھ بچايو ٽالپر ۾ ھڪ سال اڳ ۾ قتل ٿي ويل نوجوان مير غلام محمد ٽالپر جي  ٻڍڙي امڙ مسمات گلزار خاتون ٽالپر اڄ سخت سردي ۾ ايوان صحافت بدين آڏو بينر لڳائي ٻئي ڏينھن به  بک ھڙتال ڪئي ۽احتجاج ڪندي پنھنجي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.ھن عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجي شھيد پٽ جي قاتلن جي سڄي خبر ھئڻ جي باوجود پوليس بااثر قاتلن کي گرفتار نٿي ڪري, منھنجو صرف الله جي ذات ۾ ڀروسو آھي ھو عادل آھي ۽ مونسان ضرور انصاف ڪندو,  ھن چيو ته جيستائين مون سان انصاف نه ٿيندو تيستائين احتجاج جاري رکنديس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.