قمبر ۾ ڇاپو، ڀاڻ جون 40 ٻوريون ضبط، دڪان سيل

قمبر (ڊ ر) قمبر ۾يوريا ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو جاري آهي، آبادگارن جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمران سومرو ڇاپا هڻي ڊيلرز تي 10-10  هزار رپيا ڏنڊ هنيو. ميروخان روڊ تي ڊيلر عبدالمجيد رند جي دڪان تي چاپو هڻي ڀاڻ جون  40 ٻوريون ضبط ڪري دڪان کي سيل ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ اي سي قمبر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يوريا ڀاڻ جي کوٽ ڊيلر طرفان هٿرادو پيدا ڪيل آهي، فيڪٽرين مان واڌو ڀاڻ جي ڊمانڊ ڪري کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن پر ڪجھه لالچي واپاري موقعي جو فائدو وٺندي سرڪاري اگهه کان ٻيڻي اگهه تي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا آهن، جن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.