ڀاڻ جي کوٽ خلاف تنگواڻي ۾ايس ٽي پي جي احتجاجي ريلي، ڌرڻو

تنگواڻي(ن ع آ) تنگواڻي ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڪارڪنن ايس ٽي پي هائوس کان شربت نندواڻي، مهتاب ملڪ، غلام حسين ۽  اصغر علي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وين ٽرمينل تي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندي 17 سئو رپين واري ٻوري 3 هزار رپين تي وڪرو ڪئي پئي وڃي. هنن چيو ته ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۽ ڻبليڪ تي وڪرو ڪرڻ وارو عمل بند ڪري آبادگارن ۽ هارين سان انصاف ڪيو وڃي. هنن صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کان گهر ڪئي ته ڊي سي ڪشمور کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.