ٿر ۾سڀاڻي جيپ ريلي، وڻ ٻوٽا وڍي ناس

مٺي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي پاران اعلانيل ٽن ڏينهن واري ”ٿر جيپ ريلي“جي شروعات سڀاڻي 14 جنوري کان مٺي ۾ ٿيندي،اُنهي سلسلي ۾ ٽن  ڏينهن جي پُڄاڻي واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ 16 جنوري تي مٺي پهچي شرڪت ڪندو ۽ انعام تقسيم ڪندو. ٿر جيپ ريلي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ مٺي ۾ انتظاميا پاران گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي،مليل رپورٽن موجب ته سنڌ حڪومت جي راندين واري کاتي،يوٿ افئير ڊولپمنٽ ۽ ضلعي انتظاميا جي سهڪار سان ٽن ڏينهن جي ٿر جيپ ريلي مٺي ۾ منعقد ٿي رهي آهي،اُنهي سلسلي ۾ ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو چيو آهي ته ٿر جيپ ريلي جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن،ضلعي سطح تي ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي،ٿر جيپ ريلي کي ڪامياب بنائڻ لاءِ تمام لاڳاپيل ادارا پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪن،ٿر ريلي جو افتتاح 14 جنوري تي ٿيندو،جڏهن ته پڄاڻي واري تقريب 16 جنوري تي ٿيندي،جنهن ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڪامياب ٿيندڙن ۾ انعام ورهائيندو،سنڌ سميت پاڪستان کان 100 گاڏيون ٿر جيپ ريلي جي مقابلي ۾ حصو وٺي رهيون آهن،ٿر جيپ ريلي منعقد ڪرڻ جو مقصد ٿر،سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ آهي،ريلي جي آرگنائيزر ريحان قريشي چيو آهي ته ٿر جيپ ريلي ۾ 100 ڪلو ميٽر جي ريس ٿيندي،جتي 58 پراڊڪشن ڪلاس جون گاڏيون ۽ 48 پروفيشنل گاڏيون مقابلي ۾ حصو وٺنديون. ٻي پاسي ٿر جيپ ريلي جا رستا ٺاهڻ لاءِ رستن تي ايندڙ سوين وڻ ٻوٽا وڍي ناس ڪيا ويا آهن،وڏي انگ ۾ وڻ ۽ ٻوٽا وڍيا ويا آهن، هيوي مشينري ذريعي وڻ وڍي ريلي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ رستا ٺاهي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

  • ٿر ۾ جيپ ريلي سبب مالوند 3 ڏينهن سيم ۾ مال ڪاهي نه وڃي سگهندا

مٺي:ٿر ميراٿن جيپ ريس دوران علائقو ٽن ڏينهن لاءِ  عام ماڻھو توڙي چوپائي مال جي چرپر لاءِ سيل رهندو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي مقامي آبادي کي پرهيز ڪرڻ جو آرڊر پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي،هڪ سئو ڪلو ميٽر ٽريڪ ٺاهيو ويو آهي ۽ هزارن جي تعداد ۾ وڻ مشينري ذريعي پاڙھن مان ئي پٽ ڪري ڪڍيا ويا آهن ۽ ماڻھن توڙي جهنگلي جيوت ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويو آهي ۽ خاص طور تي هن علائقي ۾ وڏي تعداد ۾ هرڻن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي آهي ۽ بااثر ماڻھن جي ٿر پهچڻ سان هرڻن جو غير قانوني شڪار ٿيڻ جا به خدشا آھن،جڏھن ته وڏي تعداد ۾ سرڪاري مهمان پڻ ٿر پهچڻ شروع ٿي ويا آهن.

  • جيپ ريلي ٿرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ آهي:ديال صحرائي

مٺي (بيورو رپورٽ) ٿر ٽيڪنيڪل فورم جي چيف آرگنائيزر ۽ نوجوان ليکڪ ديال صحرائي،عطا محمد رند،سريش ساماڻي،همير سومرو ۽ راجا  گوهر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ٿر ۾ هن وقت سنڌ حڪومت جي ميزباني ۾ ٿر ميراٿن جيپ ريس ٿري ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي۔هزارين وڻن جي تباهي ڪئي پئي وڃي۔ پهرين ئي ڪوئلي جي ڪري ٿر جي ساوڪ ۽ وڻڪاري جام تباه ٿي آهي۔ اڃان اڳتي به کوٽائي ۽ پاورپلانٽس لڳائڻ سان ٿر جي ساوڪ تباه ٿي رهي آهي۔انهي جي بدلي انهن کي وڌيڪ وڻ لڳائڻ کپن پر باوجود ان جي اهي پهرين لڳل ۽ ٿر جي ماڻهن طرفان بچايل قدرتي وڻ وڍي انهي جي ڀينگ ڪري رهيا آهن۔ جيڪا ٿر جي ماڻهن، مال، ۽ جهنگلي جيوت جي لاء سخت نقصان ڪار آهي۔ هزارين وڻن جي يڪدم واڍي جاندارن جي حياتي کي وڏي تباهي ڏانهن ڌڪيندي۔ جيڪڏهن صفا مجبوري هئي ته پوء ڪيئي پوٺا پيا آهن اتي  وڃي ڪن ها۔ پاڪستان انوائرميٽ پروٽيڪشن ايجنسي کي انهي معاملي جو نوٽيس وٺڻ کپي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.