لاڙڪاڻي ۾ سينٽرل جيل انتظاميا ۽ قيدين وچ ۾ ڇڪتاڻ، احتجاج

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدين کي ڪراچي ۽ ٻين جيلن ۾ منتقل ڪرڻ واري معاملي تان جيل انتظاميه  ۽ قيدين وچ ۾ ڇڪتاڻ، بئڪرن جي بجلي بند، قيدي ڇتين تي چڙهي ويا، احتجاج ڪندي قيدين کي واپس ڪرڻ ۽ جيلر کي هٽائڻ جي گهر ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ جيل انتظاميه ۽ قيدين وچ ۾ قيدي واجد جتوئي، سلمان جتوئي، واجد جتوئي، عبداللہ جاگيراڻي، محمد علي کوکر، بشير شابراڻي، خاقن ڪلهوڙو، علي محمد ڪلهوڙو سميت سزا يافته 15 قيدين کي ڪراچي ۽ ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ تان ڇڪتاڻ سبب جيل انتظاميه جيل جي بئڪرن جي بجلي بند ڪري ڇڏي جنهن تي قيدين بئرڪن مان وڃڻ توڙي ٽوٽل ڏيڻ کان انڪار ڪري احتجاج طور ڇتين تي چڙهي ويا جتي هنن جيل اتنظاميه خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. اهڙي ويڊيو وائرل ٿي وئي جنهن ۾ قيدي دانهيندي الزام لڳائي رهيا آهن ته جيل ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان قيد قيدين کي بيگناهه ٻين ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي اهڙي دانهن ڏيڻ تي جيل انتظاميه ڏمرجي اسان مٿان هوائي فائرنگ ڪري شيلنگ ڪري ظلم ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسان کي جيلر نه کپي جيڪو مسلسل قيدين سان ظلم ڪري رهيو آهي جنهن اڄ به اسان سان وڏي ناجائزي ڪري بجلي بند ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قيدين کي واپس لاڙڪاڻو سينٽرل جيل آڻي جيلر کي هٽائي انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي جيل سپريٽيڊنٽ اشفاق ڪلوڙ ٻڌايو ته جيل جو ماحول خراب ڪندڙ قيدين کي ڪراچي ۽ ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي جن ۾ سزا يافته اٽڪل 15 قيدين آهن. هن ٻڌايو ته قيدين کي ٻين جيلن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي قيدي جيل غيرقانوني گهر ڪري جيل جو ماحول خراب ڪري رهيا آهن انهن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.