ٽنڊي محمدخان ۾ 6 منشيات فروش گرفتار

ٽنڊو محمد خان ( ڊ ر ) ٽنڊو محمد خان پوليس پاران منشيات فروشن خلاف ڪارائيون تيز ، 6جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوي ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان سٽي ٿاڻي جي پوليس مختلف هنڌن تي ڪاروائيون ڪندي ، 5 جوابدارن هر هڪ زاهد نوناري ، محمد سليمان ڀٽي ، ابراهيم مڏو ، اسلم نوناري ، ظهير ڀٽي کي ۽ شيخ ڀرڪيو پوليس محمد خان شاخ وٽ ڪاروائي ڪري جوابدار جمن ٽنگڙي کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي ، پوليس موجب مذڪوره جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي .

  • لاڙڪاڻي ۾ ڪارروائي، 22 ڪلو چرس هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ انسداد منشيات کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايتن تي منشيات فروشن خلاف جاري مهم جي سلسلي ۾ ايڪسائيز پوليس شڪارپور ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر رحيم بخش سنجراڻي جي اڳواڻيءَ ۾ ايڪسائيز پوليس شڪي ٽرڪ نمبر اي- 2822 جي تلاشي جي دوران 22 ڪلوگرام چرس هٿ ڪري ڊيره اسماعيل خان واسي جوابدار غلام شبير کي گرفتار کانئنس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر رحيم بخش سنجراڻي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ٽرڪ ذريعي چرس کڻي ڪراچي وڃي رهيو هو جنهن کي گرفتار ڪري سندس مٿان اهڙو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اسمگلنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ٽرڪ ٽرڪ کي به ضبط ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن، انسداد منشيات، پارلياماني معاملا ۽ خوراڪ مڪيش ڪمار چاولا ڪاروائي ۾ حصو وٺندڙ ايڪسائيز ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته آفيسر انهي محنت ۽ لگن سان منشيات فروشن جي خلاف ڪارروائي جاري رکندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.