درياخان مري ۽ پڊعيدن ۾ بدامني، صحافي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو

دريا خان مري/ پڊعيدن  ( نمائندن وٽان  ) دريا خان مري ۾ بدامني ۽ محرابپور جي سينيئر صحافي اخلاق جوکيو مٿان قتل جو ڪوڙو  ڪيس داخل ڪرڻ خلاف درياخان مري ۽ پڊعيدن ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، صحافي راجا خاصخيلي، اختر خاصخيلي، عبدالحفيظ پلھه، وريل سنڌي، عامر بزنجو، پير قمر زمان، ابراهيم خاصخيلي، قادر لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافين پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين چيو ته بدامني چوٽ چڙهيل آهي، حق ۽ سچ لکڻ تان صحافي اخلاق جوکيو کي هيسائڻ لاءِ مٿس قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جيڪو سراسر ظلم آهي هنن چيو ته صحافي اخلاق جوکيو جي  بيواهه ڀيڻ قمر النساءِ   کي به قتل ڪيس ۾ نامزد ڪري سندس ملڪيت ڦٻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ، صحافي اخلاق جوکيو ۽ سندس بيواهه ڀيڻ مٿان داخل ڪيس جي اڻڌري جاچ ڪري لڪل شخصيتن کي وائکو ڪيو وڃي.

  • شهداپور ۾سوناري جي دڪان تان عورت کان سون ڦر

شھدادپور (ن ع آ) شھدادپورجي شاهي بازار ۾ هندو عورت سوناري جي دوڪان تان سون فرائي آئي سي سي ڪيمرا جي مدد سان  چوري جي ڳولا چئن عورتن تي شڪ ظاهر تفصيل موجب شھدادپور جي صرافه بازار۾ سونارڪي دوڪان تان مسلم ٽائون شھدادپور جي رهندڙ ھندو عورت ڪلان ٻائي پنهنجو چار تولا سون فرائي آئي پوليس سي سي ڪيمرا جي مدد سان چورن جي ڳولا ڪري رهي آھي چوري ۾ عورتون مشڪوڪ ٻڌايون وڃن ٿيون جن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.