ظالم حڪمران عوام کي غلام سمجهن ٿا:اياز لطيف

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ اڳواڻ غلام حسين سولنگي، ايس ايس ٽي اڳواڻ پنھل سولنگي، سنڌي ھاري تحريڪ سجاول اڳواڻ غلام رسول سولنگي قومي عوامي تحريڪ سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائش گاھ تي ملاقات ڪري قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران غريب عوام کي غلام سمجھن ٿا.جمھوريت جا ڪوڙا نعرا ھڻندڙ حڪمران اصل ۾ ڊڪٽيٽر، ظالم ۽ عوام دشمن پاليسيون رکندڙ آھن۔ صرف اقتدار حاصل ڪرڻ لاء جمھوريت جو ڪوڙو ڍونگ ڪن ٿا۔ ھنن جا ھاٿي وانگر ڏند ڏيکارڻ وارا ھڪڙا ۽ کائڻ وارا ٻيا آھن۔ ھنن عوام کان 2 وقت جي ماني ڦري ورتي۔ روزگار وڪڻي ڇڏيو ڪرپٽ حڪمرانن وٽ غريب عوام لاء ڪو احساس ناھي۔ اقتدار ھنن جو ڪاروبار آھي۔ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري اربين روپيا ڪمائي عوام کي بدحال ڪن ٿا۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ قبائليت جا چنبا کوڙيل نہ ھجن ھا تہ سنڌ ھيئن تباھ ۽ برباد نہ ٿئي ھا۔جيڪڏھن فيصلا جرڳن بدران عدالتن ۽ اسيمبلين ۾ ٿين ھا ۽ اسيمبليون ۽ عدالتون اھڙيون ھجن ھا، جن تي عوام کي اعتماد ھجي ھا تہ سنڌ جو حشر اڄ  تباھ ۽ برباد ٿيل نہ ھجي ھا۔  سنڌ کي تعليم، ميرٽ روزگار، صحت کپي، پاڻي، تيل، گئس، ڪوئلي ۽ پنھنجن وسيلن تي مالڪي جو اختيار گھرجي۔ سمنڊ، ٻيٽ، ڪاڇو، ڪوھستان، ٿر سميت سڄي سنڌ جي مالڪي گھرجي، قبضاگيري نہ کپي، بحريا ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ٻيون سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون قبضاگير اسڪيمون نہ گھرجن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاھي آهي، سنڌ ۾ سردار آهن، اھي سردار توهان کي پنهنجي مفاد لاءِ عام سنڌي کي استعمال ڪن ٿا ۽ انهن جي ذريعي پاڻ کرب پتي ٿين ٿا ۽ سنڌ کي ڪمزور ڪن ٿا. سنڌ ھاڻي وڌيڪ جاگيرداري، وڏيرا شاھي، قبائليت ۽ جرگنائيت کي قبول نہ ڪندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ علم کپي ۽ علم جي لاءِ پاڻ کي مقابلو ڪرڻو پوندو، پاڻ کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجز کي پنھنجو گھر بنائڻو پوندو، پاڻ کي راتين جا اوجاڳا ڪرڻا پوندا، پاڻ کي جاڳي ايندڙ نسلن جو مستقبل ٺاھڻو پوندو۔اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ھاء اسڪول جي شاگردن کي ھنري سکيا ڏني وڃي تہ جيئن نوجوان پنھنجو روزگار ڪري سگھن۔ پرائمري کان يونيورسٽيز تائين تعليم مفت ڪئي وڃي۔ غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي ٻاھر ملڪن  ڏانھن پڙھڻ موڪليو وڃي۔ ڪرپشن، بيڊگورننس جو مقابلو تعليم سان ئي ڪري سگھجي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.