سنڌ جي تعليم هٿ سان تباهه ڪئي وئي آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد  ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ لال جروار ۽ اقبال جروار پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته  هٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪري منشيات جي وڪري کي عام ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا منشيات فروشن کان منٿليون وٺڻ ۾ پورا آهن. جنهن ڪري ڀاڻ ۽ ٻين ضروري شين کان وڌيڪ موتمار منشيات مارڪيٽن ۾ عام جام وڪري لاءِ موجود آهي. سنڌ حڪومت اسڪول بند ڪري، لائبريرين جا فنڊ هڙپ ڪري تعليمي ادارا ڪرپٽ مافيا جي حوالي ڪري سنڌ جي تعليم کي تباھ ڪرڻ کانپوءِ پرڏيهي منشيات فروشن ۽ دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري رهي آهي. منشيات فروشن جي سهولتڪاري سبب سنڌ جي نوجوانن جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ مان موتمار منشيات وڪرو ڪندڙن جي سرپرستي ڪندڙ پوليس آفيسرن مٿان انهن نوجوانن جي قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي جيڪي زهريلي منشيات جي استعمال سبب فوت ٿي رهيا آهن.

  • ڌاري آبادڪاري سنڌ تي دائمي قبضي جي ڪوشش آهي:نواز زنئور

ميرپور بٺورو(ن ع آ)  ميرپور بٺوري ۾جيئي سنڌ قومي پارٽي جي ذيلي شاگرد تنظيم سِقاف پاران سائين جي ايم سيد جي 118  هين سالگرهه جي سلسلي ۾ صوفي شاهه عنايت شھيد پريس ڪلب ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، ان موقعي تي سيد جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زنئور چيو ته سائين جي ايم سيد جي سياست  برصغير جي سياست تي پنهنجا اثر وڌا ۽ سنڌ جي مستقبل جي راهن جو تعين ڪيو، اڄ سنڌ سيد جي ٻڌايل رستي تي اڳتي وڌڻ جا سانباها ڪري رهي آھي. اهو سيد جو تاريخي ڪارنامو آھي ته هن پنهنجي قومي وجود کان لاپرواهه بڻجي ويل قوم کي پنهنجي وطني ۽ قومي تشخص ڏانهن موٽايو. نواز خان زنئور وڌيڪ چيو ته سنڌ کي هٿ وٺي خطرن ڏانهن ڌڪيو ويو آھي. ڌارين جي آبادڪاري، ميگا رهائشي منصوبا ۽ سنڌو درياهه تي ڊيمن جي اڏاوت سنڌ تي دائمي قبضي ۽ سنڌي قوم جي تباهي جون رٿائون آهن. قومي پارٽي انهن منصوبن خلاف سيد جي سالگرهه بعد مرحليوار جدوجهد ڪندي. تقريب کي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي خزانچي عرس اوٺو، سقاف جي مرڪزي آرگنائيزر سراج رسول، قومي پارٽي جي قادر بخش زنئور ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  • احمدپور ۾ چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڏيتي ليتي بعد آزاد

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ قديمي درگاھ شيخ طيب جي قبرستان جي مزارن مٿان اڏيل ڇپرن مان لوھ چوري ڪندڙ جوابدار گرفتار، ڏيتي ليتي بعد آزاد، رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ قديمي درگاھ شيخ طيب جي قبرستان ۾ مزارن مٿان اڏايل ڇپرن مٿان لوھ چوري ڪندڙ جوابدار يوسف اڄڻ کي ڪولاب جيئل چونڪي جي انچارج بشير ڦلپوٽو گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو آهي ان ڏس ۾ ميرمحمد کوسو جو چوڻ آهي ته شيخ طيب اسانجو اباڻو قبرستان آهي جتان مزارن جي مٿان اسانجي رشتيدارن جي مزارن تي اڏيل ڇپرن مٿان جوابدارن ڇتين کي پٽي لوھ ٽيئر سرون ۽ ٻيو سامان پٽي کڻي وڃي رھيا ھئا ته ڳوٺاڻن ھڪ جوابدار کي پڪڙي لوھ سميت ڪولاب جيئل چونڪي جي پوليس حوالي ڪيو جڏهن ته پوليس چونڪي جي انچارج ڳري رشوت عيوض جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پڪڙيل لوھ به گم ڪري ڇڏيو آهي جيڪا وڏي ناجائزي آهي ان موقعي تي ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرائي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو وڃي.

  • ميهڙ ۽ ڀرپاسي بدامني،  ٽن پورهيتن کان موبائيل فون ڦر

ميھڙ (س ر)ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا شهر ۾ ٻه نامعلوم ڦورن هٿيارن جي زور تي 3 پورهيتن کان  3 ٽچ موبائيل فون روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا جڏنھن ته بيڪري تي ڪم ڪندڙ پورهيت قمبر علي ، فهد علي ۽ ياسين سولنگي پنهنجي ڳوٺ لڌوديرو وڃي رهيا هئا ته جوڳي واهه کان ٻه نامعلوم هٿياربندن ٽنهي پورهيتن کي روڪي پنج هزار روڪ رقم ٽي ٽچ موبائلون  ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن اھڙو اطلاع سنڌي ٻٽڙا ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.