ميروخان لڳ وڏيري جي پٽ نوجوان کي پٺيءَ ۾ڇُرو هڻي ڪڍيو

ميرو خان (ن ع آ )ميرو خان لڳ ڳوٺ علي نواز جاگيراڻي ۾ دڪان تان ٻارن کي شئي وٺي ڏيڻ دوران 22 سالن جي ابراهيم جاگيراڻي کي وڏيري عبدالغفور جي پڙٽ جنيد جاگيراڻي حملو ڪري پٺيءَ ۾ ڇرو هڻي زخمي ڪري  ڇڏيو، جنهن کي لاڙڪاڻو اسپتال منتال ڪيو ويو. زخمي نوجوان جي ڀاءُ محمد عاقل ٻڌايو ته ھن جو ڀاءُ ٻارن کي شئي وٺي ڏيڻ لاءِ دڪان تي ويو ته وڏيري جي پٽ ڇرو هڻي کيس زخمي ڪري وڌو. ھن جو چوڻ هو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ معمولي ڳالهھ تان ڏند چڪ ٿي هئي، جنهن تان وڏيري جي پٽ هن جي ڀاءُ کي ڇريو هڻي زخمي ڪيو.ميروخان ٿاڻي تي زخمي جي ڀاءُ عبدالقدير جاگيراڻي جوابدار عبدالرب عرف گدو ۽ محمد نواز عرف ميان سميت ٽن جوابدارن خلاف خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.