مٽياري ۾ ڪار جي ٽڪر ۾ عورت فوت

مٽياري (ڊ ر) مٽياري ۾ ڪوٽ حاجي عثمان ميمڻ جي رھواسڻ 30 سالا ميرا ڪولهي ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي وئي، فوتي عورت جي مڙس شترو ڪولهي ٻڌايو ته منهنجي زال غوثيه چوڪ مٽياري لڳ قومي شاھراھ تان پنهنجي گهر واپس اچي رھي ھئي ته حيدرآباد کان ايندڙ ڪار کيس  ٽڪر ھنيو جنهن کي فوري طور تي علائقي واسين تعلقه اسپتال مٽياري منتقل ڪيو ويو جتي ھو فوت ٿي وئي،ٻئي طرف ايس ايڇ او مٽياري شاھزمان چانڊيو ڪار ڊرائيور کي گرفتار ڪري ڪار پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف فوتي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.