روهڙي باءِ پاس تي حادثو، ٻه ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

سکر( رپورٽر) روهڙي باءِ پاس واري علائقي مگسي ڪانٽي وٽ قومي شاهراهه تي تيز رفتار ٽرالر ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ محمد خان عمر ۽ محمد موسيٰ عمر زخمي ٿي پيا آهن، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال روهڙي داخل ڪيو ويو آهي.

  • ڪڪڙپوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل لوهه هٿ ڪري ورتو

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ پوليس چيڪ پوسٽ ڪاري موري وٽان واپڊا اسڪارپ کاتي  جو سوين مڻ چوري ٿيل  سرڪاري لوھ ھٿ ڪري جوابدار کي رڪشا سميت  گرفتار ڪري ورتو آھي ٻيا جوابدار فرار ۾ ڪامياب ٿي ويا  ڪڪڙ جي ايس ايڇ او زاھد علي ابڙو چيو آھي ت چيڪ پوسٽ ڪاري موري وٽ گذريل ڪيتري ئي سالن کان واپڊا اسڪارپ کاتي جو سرڪاري  سوين مڻ لوھ پيل ھيو جيڪو رات چورن مسللسل  لوھ چوري ڪيو ڳجھي اطلاع تي چيڪ پوسٽ ڪاري موري وٽ  ڪاروائي ڪندي سوين مڻ چوري ٿيل سرڪاري لوھ جوابدار کان ھٿ ڪري سندس کي  گرفتار ڪيو آھي رڪشا پڻ تحويل ۾ آھي جنھن ۾ مسلسل لوھ کڻندا ھئا گرفتار ٿيل جوابدار کنڀڙ واسي ستار ملاح ولد سوڀو خان  طور ٿي آھي  واپڊا اسڪارپ کاتي جا عملدار ٿاڻي تي اڃا ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ن پھتا آھن جيئن پھتا ت ڪيس داخل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.