چمبڙ ڀرسان ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

چمبڙ (ت ر) چمبڙ جي ڳوٺ احمدخان لنڊ  جو رهواسي نوجوان محمد علي شيخ، ٽنڊو غلام علي ٿاڻي جي حد حاجي سانوڻ اسٽاپ وٽ  روڊحادثي ۾ فوت ٿي ويو رپورٽ موجب ٽنڊو غلام علي ٿاڻي جي حد حاجي  ساوڻ اسٽاپ ڀرسان راجو خاناڻي روڊ تي موٽر سائيڪل سان مهراڻ ڪار جو زوردار ٽڪر سبب  چمبڙ واسي موٽرسائيڪل سوار 20 ورھين جو محمد علي شيخ ولد محمد عمر شيخ موقعي تي فوت ٿي ويو ھڪ ڄڻو زخمي فوتي نوجوان جو مڙھ ضروري ڪاروائي لاء  ٽنڊوغلام علي سرڪاري اسپتال نيو ويو ڪار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ٽنڊوغلام علي پوليس ناڪا بندي ڪري ڪار سميت ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو فوتي نوجوان جي شادي جا ڏينهن ٻڌڻ لاء راجو خاناڻي پرسان سندس مائٽن ويل هو جتان واپس سندس چمبڙ جي ڳوٺ احمد خان لنڊ اچي رهيو هو ته حاجي سانوڻ ڀرسان حادثو پيش آيو فوتي نوجوان جو مڙھ ڳوٺ پهچڻ تي سندس ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول پيدا ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.