خيرپور ۾ صحافي جي پيءُ کان 40 هزار رپيا ڦر

خيرپور (ڊ ر)اي سيڪشن ٿاڻي جي حد قصري حسيني چوڪ وٽ نامعلوم ٽڳ صحافي جي پيءُ کان 40هزار روپيا ڦر ڪري فرار ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نوجوان صحافي سيد نعيم شاھ جو پيءُ سيد ڀورل شاھ جيڪو ميونسپل ڪميٽي خيرپور جو ملازم  آهي جئين ئي هو نيشنل بينڪ مين براچ مان پگھار وٺي قصري حسيني چوڪ وٽ پهتو ته 3 نوجوان ٺڳ کيس ورائي سخت تشدد جو نشانو بڻائي 40هزار روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا سيد ڀورل شاھ اهڙو اطلاع اي سيڪش ٿاڻي تي ڏنو آهي ۽ اين سي پڻ داخل ڪرائي پر آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي نه سگھيو آهي.

  • ٽنڊي آدم ۾ پوليس ڪارروائي، 2 منشيات فروش گرفتار

ٽنڊو آدم ( ن ع آ)ٽنڊر آدم سٽي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي ٻن منشيات فروشن شڪيل ولد عثمان ۽ شاهنواز ولد ربڏنو کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 34 سئو 10 پڙيون جي اين ڊي ، 2 ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچو مال ، 2 ڪلو سوپاريون ، 6 عدد ظھور پتي ، چن سميت لکين رپين جي ماليت جي منشيات ۽ هڪ موٽر سائيڪل برآمد ڪئي جوابدارن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

  • جهول ۾ صحافي تي حملو جهول، پوليس جا ڇاپا، منشيات فروش فرار

جهول (ن ع آ) جهول ۾ صحافي تي  منشيات فروش ناصر بروهي ۽ حبيب الله بروهي جو حملو صحافي کي تي سخت مارڪٽ ڪري فرار ٿي ويا، جهول پوليس ڪارروائي ڪندي منشيات فروش جي گهرن تي چاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، صحافين صحافتي تنظيمن ايس ايس پي سانگهڙ ۽ ڊي ائي جي شهيد بينظير آباد کان نوٽيس جي اپيل ڪئي آهي ته جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪري صحافين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.