ڏوڪري ۾ ڳوٺاڻن جو سينٽرجيل لاڙڪاڻي جي انتظاميا خلاف احتجاج

ڏوڪري (ت ر) ڏوڪريءَ جي شيخ پاڙي جي مرد توڙي عورتن سينٽر جيل لاڙڪاڻي جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو آهي،احتجاج ڪندڙ عورتن وزيران شيخ، زرينا شيخ، ديدار شيخ ۽ ٻين ٽائون ھال ڏوڪري ۾ احتجاج ڪيو. انهي موقعي تي وزيران شيخ چيو منهنجو پٽ جميل احمد شيخ لاڙڪاڻي جي سينٽر جيل ۾ قيد آهي، گذريل ڏينهن سينٽر جيل لاڙڪاڻي مان رينجرس اھلڪارن کنڀن جي ڪوشش ڪئي پر قيدين کنڀڻ ڪون ڏنو.قيدي جي امڙ وزيران شيخ وڌيڪ چيو ته جيل ۾ قيد منهنجي پٽ جميل شيخ سان لاڙڪاڻي جي سينٽرل جيل انتظاميا پڻ غير انساني سلوڪ ڪري رهي آهي جيڪڏھن منهنجي پٽ کي ڪجھ به ٿيو ته ان جي ذميواري سينٽر جيل لاڙڪاڻي جي سپرنٽينڊنٽ ۽ انتظاميا جي ھوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.