اوٻاوڙو پوليس جي ڪارروائي، موٽر سائيڪل ڦر ڪندڙ گروهه گرفتار

اوٻاوڙو ( ن ع آ ) اوٻاوڙو ايس ايس پي گهوٽڪي اظھر خان جي ھدايتن تي اوٻاوڙو پوليس جون ڏوھارين جي خلاف ڪاروايون تيز اٻاوڙو  پوليس جي ڪارروائي موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ موٽر سائيڪل چوري ڪرڻ ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ وارو ڏوھاري ٽولو موٽرسائيڪلن ۽ ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ايس ايس ايڇ او اٻاوڙو اطھر علي چنا خفيا اطلاع تي نفري ساڻ ڪري ڪارروائي ڪندي موٽرسائيڪل ڦر ڪندڙ ۽ روڪ رقم ڦر ڪندڙ گروھ جي جوابدار نثار احمد ولد عبدالقادر ميراڻي ويٺل مياڻي ڪنڊري والا مريد شاخ تعلقه اٻاوڙو ۽ عبدالستار ولد غلام ڀٽو ويٺل لڪپور تعلقه اٻاوڙو جي رھواسين کي گرفتار ڪري ورتوم ٻئي جوابدار نثار احمد ميراڻي ۽ عبدالستار ڀٽو  گھوٽڪي پوليس کي ڦر ڌاڙا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هئا گرفتار جوابدارن وٽان ٻه ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون ھٿ ڪري ورتيون ۽ جوابدارن ڪيس داخل ڪيو ويو، ھوڏانھن ٻن مک جوابدارن کي وڏي سفارش ۽ ٻن لکن جي ڊيل تحت ڇڏڻ جا چوٻول آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.