راڻيپور ۾ بدامني، استاد جي موٽرسائيڪل چوري

راڻي پور (ن ع آ)راڻي پور جي ميربحر پاڙي ۾ استاد افتخار علي جوڻيجو ٻارن کي ٽيوشن پڙھائڻ لاءِ گهر ٻاھران سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2019 بيهاري ويو ته نامعلوم چاٻي چورن سندس جي موٽرسائيڪل ڪاھي آساني سان فرار ٿي ويا. جڏھن ته رابطي ڪرڻ تي متاثر استاد ”عوامي آواز“ کي ٻڌائيندي چيو ته مان شاگردن کي ٽيوشن پڙھائڻ لاءِ ميربحر پاڙي ۾ روز ايندو آھيان معمول موجب اڄ به پڙھائڻ آيس ھئس ۽ گاڏي گهر ٻاھران بيهاري ھئي جڏھن شاگردن کي سبق پڙھائي واپس وريس ته گهر ٻاھران بيٺل گاڏي نه ھئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.