ڪنڌڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل چور گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ موٽرسائيڪل چوري وارداتن ۾ ٻنجو نه اچڻ سبب شهري پريشاني منهن ڏيڻ لڳا، پوليس نه چوري جون وارداتن روڪرائي سگهي ۽ نه ئي چورن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي سگهي آهي. ڪالهه شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڪشمور روڊ تي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي مراد کوسو، حاڪم، قمبر علي، مور کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هو  ته پوليس کي چوري وارداتن جا سي سي ٽي وي فٽيجز به هٿ ڪري ڏنا ويا پر پوليس چورن کي پڪڙي نه سگهي آهي، روزانو شهر مان موٽرسائيڪل چوري جون وارداتون ٿي رهيون آهن.هنن  ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي چور گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.