وزيراعظم طرفان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو آهي.

وزيراعظم آفيس جي ترجمان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا به وزيراعظم جي دوري دوران موجود هو.

ترجمان ٻڌايو ته دوري دوران ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم آجيان ڪئي.

ترجمان جو چوڻ هو ته آءِ ايس آءِ هيڊ ڪوارٽرز ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سلامتي ۽ افغانستان جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي.

ترجمان موجب وزيراعظم قومي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ آءِ ايس آءِ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪئي ويندڙ پيشيوراڻي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.